انقرا (ويب ڊيسڪ) ڪرد ويڙهاڪن هٿيار ساڙي ترڪيه خلاف هٿياربند جدوجهد جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
عليحدگي پسند هٿياربند جماعت ڪردستان ورڪرز پارٽي باضابطا طور هٿيار ڦٽا ڪري ترڪيه سان امن ڳالهين تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ان اڳڀرائي تي ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته ترڪي لاءِ هڪ نئين شروعات ٿي آهي، دهشتگردي جي لعنت ختم ٿيڻ جي عمل ۾ داخل ٿي چڪي آهي، اڄ هڪ نئون ڏينهن آهي، اڄ هڪ عظيم، طاقتور ترڪيه جا در کلي ويا آهن، تازي قدم سان قوم متحد ٿي آهي.
You might also like