ڇهه نون ڪئنالن جو ڪم تيزيءَ سان شروع ڪيو ويو آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجي، ماهه نور ملاح ۽ ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي سرڪار طرفان نون ڊيمن ۽ ڪئنالن جي حمايت ۾ هلندڙ مهم سنڌ جي وجود تي وار آهي، وزيراعظم سميت وفاقي وزير مختلف وقتن تي ڊيمن جي حمايت ۾ بيان بازي ڪري سنڌي قوم جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهيا آهن،هنن چيو ته بلاول زرداري وزيراعظم ٿيڻ جي لالچ ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ۽ سنڌو درياهه ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي وڪرو ڪيو آهي. پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ڪڇي ڪئنال فيز ٽو جي ٽيڪنيڪل گروپ جوڙڻ ۽ پي سي ون جمع ڪرائڻ واري وفاقي سرڪار جي فيصلي تي راضپو ڏيکاري سنڌي قوم سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.