”چرئي ڪميونسٽ کي نيويارڪ تباهه ڪرڻ نه ڏيندس“: ٽرمپ جي ظهران تي تنقيد

 واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر نيويارڪ جي ميئر لاءِ ڊيموڪريٽ اميدوار ظهران ممداني جي خلاف سخت بيان ڏنو آهي. پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽرٿ سوشل تي جاري بيان ۾ ٽرمپ چيو ته مان هڪ آمريڪي صدر طور، اهڙي پاگل ڪميونسٽ کي نيويارڪ شهر تباهه ڪرڻ نه ڏيندس. هن وڌيڪ چيو ته عوام پريشان نه ٿئي، سمورا اختيار ۽ ڪارڊ منهنجي هٿ ۾ آهن، مان نيويارڪ کي بچائيندس ۽ ٻيهر عظيم بڻائيندس. ياد رهي ته ٽرمپ ان کان اڳ به ظهران ممداني خلاف سخت لفظن ۾ بيان ڏئي چڪو آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.