سنڌوءَ تي قبضو قبول نه ڪنداسين:نواز زئور

ڪراچي(پ ر)جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين ۽ جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي سربراھ نواز خان زئور چيو آهي ته ڪنهن به سبب يا بهاني سان سنڌو نديءَ ۽ ان جي معاون درياھن تي پنجاب جي قبضي کي قبول نه ڪنداسين. سنڌ کي درياھن کي روڪڻ ۽ انهن جا وهڪرا موڙڻ تي سخت اعتراض آهن  هن چيو ته وزير اعظم شهباز شريف پاران غير تڪراري منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ ۽ ديامير ڀاشا ڊيم سميت ٻين منصوبن جي گنجائش وڌائڻ واري اعلان کي سنڌ مڪمل رد ڪري ٿي،هن چيو ته    سنڌ طاس معاهدي جو خوف پيدا ڪري نوان پاڻي منصوبا ٺاهڻ جو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي. سنڌ طاس معاهدي جي معطلي کي وفاقي حڪومت سنڌين خلاف هڪ هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.