اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻن چيو آهي ته مخصوص سيٽن بابت آيل فيصلو رياست ۽ ان جي ادارن لاءِ بدنما داغ آهي، اختيار اڃا به پي ٽي آءِ باني وٽ آهي، هو جڏهن چاهي حڪومت ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿو، آئيني طريقي سان ڪڏهن به اسان جي حڪومت ڪيرائي نه ٿي سگهجي، اسلام آباد ۾ سلمان اڪرم راجا، بئرسٽر گوهر علي خان، شبلي فراز ۽ جنيد اڪبر سان گڏجي هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته 26هين آئيني ترميم عدليه تي سڌو حملو آهي، جيستائين اقتدار ۾ اچي ان کي واپس نه وٺنداسين تيستائين عدليه قيد رهندي، پيڪا ايڪٽ سميت جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو قوم کي غلام بڻائڻ جي سازش آهي، علي امين گنڊاپور چيو ته پي ٽي آءِ جي باني چيو ته منهنجي ملاقات ڪرائي وڃي، هو پارٽي جو سربراهه آهي، ملاقات ڪرائڻ سندس حق هو، مون اڳ ئي محسوس ڪري ورتو هو ته ملاقات نه ڪرائي ويندي، عمران خان ڪڏهن به اهو نه چيو هو ته جيڪڏهن منهنجي ملاقات نه ڪرائي وئي ته حڪومت ڇڏي ڏجان، هونئن به حڪومت ڪيرائڻ جو اختيار ته هر وقت عمران خان وٽ موجود آهي، گنڊاپور چيو ته جڏهن بجيٽ کان پوءِ ملاقات ٿي ته اهو ثابت ٿي ويو ته عمران خان حڪومت ڇڏڻ جي حق ۾ نه هو، مان رياست ۽ ادارن کي چئلينج ٿو ڪريان ته جيڪڏهن سياسي طريقي سان پي ٽي آءِ باني جي حڪومت ختم ڪئي وئي ته مان سياست ڇڏي ڏيندس، غير آئيني طريقي سان ڪجهه نه ڪريو، آئيني طريقي سان توهان توهان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا چيو ته پي ٽي آءِ جي جدوجهد، پاڪستاني عوام جي جدوجهد آهي، 8 ڏهاڪن کان ملڪ کي لٽيو پيو وڃي، عوام ان لائق ناهي ته ان جو آواز ٻڌو وڃي، اسان پي ٽي آءِ باني جي جدوجهد ۾ ساڻس گڏ آهيون، ۽ اها جدوجهد اسان جي قوم جي به آهي، اسين هيءَ جنگ جاري رکنداسين ۽ فتح اسان جو مقدر آهي، جيستائين عوام کي نه ٻڌو ويندو تيستائين پاڪپتن ۾ ماڻهو اسپتال ۾ مرندا رهندا، هن چيو ته ڪو به اهو نه سمجهي ته اسان جون سيٽون کسي وٺڻ يا عدليه کي دٻائڻ سان عوام پوئتي هٽي ويندي، انشاالله اسين تمام جلد فتح حاصل ڪنداسين، پي ٽي آءِ اڳواڻ جنيد اڪبر چيو ته گڏيل اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر عمران خان جي ڳالهه تي اسين اڳ به گڏ هئاسين ۽ ايندڙ وقت ۾ به گڏ رهنداسين، پي ٽي آءِ چئيرمين بئريسٽر گوهر چيو ته اسان جو تن، من، ڌن عمران خان لاءِ وقف آهي، اسان جا ڪي به ذاتي اختلاف نه آهن، اسين متحد آهيون ۽ متحد رهنداسين، عمران خان جيڪا به تحريڪ شروع ڪندو، اسين اُن تي عمل ڪنداسين، عمران خان هميشه چيو آهي ته ڳالهين جو عمل ضرور ٿيڻ گهرجي، پر اهي ڳالهيون بامعنيٰ هجن. اسان بجيٽ کان اڳ عمران خان سان ملاقات جي درخواست ڏني، پر اها ملاقات نه ڪرائي وئي، هن چيو ته اسين خيبرپختونخوا جي حڪومت جي هر حال ۾ حفاظت ڪنداسين جيڪي ماڻهو بي اعتمادي آڻڻ چاهين ٿا، انهن وٽ گهربل انگ نه آهي، اسان ڪنهن به جماعت کي اهو نه چيو آهي ته اسان جي حڪومت خلاف بي اعتمادي نه آڻجي، شيخ وقاص اڪرم چيو ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ اها قرارداد منظور ڪئي وئي آهي ته پارٽي عمران خان ۽ ٻين قيد ٿيل اڳواڻن جي آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي، پارلياماني پارٽي مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان اتفاق نٿي ڪري ۽ ان خلاف هر آئيني ۽ قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو، اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته پارٽي عدليه تي حڪومتي دٻاءُ کي رد ڪري ٿي ۽ اها مطالبو ڪري ٿي ته عدليه پنهنجي ميرٽ ۽ آزادي لاءِ ڄمي بيهي.