ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان چيمپيئنز، چيمپيئن شپ آف ليجنڊز (ڊبليو سي ايل) ٻئي سيزن کان اڳ پنهنجو نئون لوگو متعارف ڪرائي ڇڏيو.
فرنچائز جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي ان اعلان سان گڏ ڪيپشن لکيو ويو آهي ته ’’انتظار ختم، سڃاڻپ سامهون اچي وئي آهي، هي آهي اسان جي چِنگهاڙ، هي آهن پاڪستان چيمپيئنز، اسان سان شامل ٿيو ۽ ساٿ ڏيو، ڇو ته اسان آهيون قوم جي چِنگهاڙ۔‘‘
نئون لوگو ٽيم جي نئين توانائي ۽ عزم جي عڪاسي ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته رانديگر ڊبليو سي ايل جو ٽائيٽل کٽڻ جي هڪ ٻئي موقعي لاءِ تيار ٿي رهيا آهن.
گذريل سال ٽورنامينٽ جي پهرين ايڊيشن ۾ پاڪستان چيمپيئنز کي سموري ايونٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي بعد فائنل ۾ ڀارت هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.
هلندڙ سال، چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جا مقابلا 18 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين برطانيا ۾ شيڊيول آهن، پاڪستان چيمپيئنز پنهنجي مهم جي شروعات 18 جولاءِ تي برمنگهم جي ايجبسٽن اسٽيڊيم ۾ انگلينڊ چيمپيئنز خلاف ميچ سان ڪندي.
ٽورنامينٽ جو سڀ کان وڏو دنگل يعني پاڪ-ڀارت ٽاڪرو 20 جولاءِ تي ساڳئي ميدان تي کيڏيو ويندو.