ڪراچي ۾ ڊينگي، مليريا ۽ چڪن گونيا هڪ ڀيرو ٻيهر خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڊينگي، مليريا ۽ چڪن گونيا جي وڌندڙ ڪيسن هڪ ڀيرو ٻيهر خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي.
سنڌ حڪومت مڇرن سان پکڙجندڙ بيمارين کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، برساتن ۽ موسمياتي تبديلين سبب مڇرن جي واڌ ويجهه ۾ غير معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب ڊينگي، مليريا ۽ چڪن گونيا جي وڌندڙ ڪيسن هڪ ڀيرو ٻيهر خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي.
صحت کاتي صورتحال جي سنگيني کي ڏسندي صحت جي عالمي اداري کان فوري طور مدد طلب ڪري ورتي آهي.
ڊبليو ايڇ او کي لکيل خط ۾ ڪيس مينيجمينٽ، سڃاڻپ جي سهولتن، ان ڊور اسپري ۽ طبي عملي جي تربيت لاءِ ٽيڪنيڪي سهڪار جي درخواست ڪئي وئي آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته برساتن کانپوءِ پاڻي جي ناقص نيڪالي سبب مڇرن سان پکڙجندڙ بيمارين جو خطرو وڌي ويو آهي، جنهن سان صوبي ۾ صحت جي صورتحال وڌيڪ بگڙي سگهي ٿي، موجوده حالتن ۾ وڌيڪ ٽيڪنيڪي مدد اڻٽر آهي ته جيئن مڇرن سان پيدا ٿيندڙ وبائن تي ضابطو آڻي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.