ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تيل اگهن ۾ واڌ کانپوءِ هاڻ ڪراچي جي شهرين تي مهانگائيءَ جو هڪ ٻيو بم ڪرڻ وارو آهي.
پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ کانپوءِ آل ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد به ڀاڙن ۾ واڌ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
آل ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر محمد نواب چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه گهٽجڻ باوجود پاڪستان ۾ واڌ مذمت جوڳي آهي، اگهن ۾ واڌ فوري طور واپس ورتي وڃي.
هن چيو ته جيڪڏهن تيل جا اڳوڻا اگهه بحال نه ڪيا ويا ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي.
You might also like