اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور هڪ ڀيرو ٻيهر ڌمڪي واري لهجي ۾ چيو آهي ته رياست کي چيئيلنج ٿو ڪيان منهنجي حڪومت ڪيرائي ڏيکاريو.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ بيرسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ آئيني رستو آهي ته ان تحت حڪومت ختم ڪري ڏيکاري، جيڪڏهن توهان ڪامياب ٿيو ٿا ته مان سياست ئي ڇڏي ڏيندس.
هن چيو ته رياست کي ماءُ چيو ويندو آهي پر اڄ جي رياست فرعوني انداز اختيار ڪيو آهي، سازشن ۽ غير آئيني قدمن باوجود سندن حڪومت کي ڪو به نقصان نه رسائي سگهيو آهي، هاڻي اوهان جي طاقت ۽ اختيارن کي کلي عام چئلينج ٿو ڪيان، اچو سمورا وسيلا لڳائي حڪومت ختم ڪري ڏيکاريو.
سندس چوڻ هو ته توهان ماضي ۾ مارشل لا ۽ گورنر راڄ جا حربا هلايا، هاڻ اهي به ڪم نه ايندا، اسان جا ماڻهو جيلن ۾ آهن پر اوهان ڪنهن کي به عمران خان کان ڌار نه ڪري سگهيا آهيو، ڪا به قوت اسان جي صفن ۾ ڏار نه وجهي سگهي آهي.
علي امين وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ اسين مڪمل طور تي سرگرم آهيون، 26هين آئيني ترميم عدليا تي هڪ حملو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان سدائين ڳالهين لاءِ تيار رهيو آهي پر ڳالهيون انهن سان ٿي سگهن ٿيون، جن وٽ اختيار آهي، اڄ ملڪ ڏنڊي جي زور تي هلي رهيو آهي، سڀني کي خبر آهي ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي ڪهڙي حيثيت آهي.
آخر ۾ هن اعلان ڪيو ته 10 محرم الحرم کانپوءِ پي ٽي آءِ سڄي ملڪ ۾ سياسي تحريڪ شروع ڪندي، جيڪڏهن اسان تي گولي هلائي وئي ته جواب به اهڙو ئي ايندو.
You might also like