” ماڻهو جيئن آهي تيئن پاڻ کي قبولي“ شيفالي جي موت تي ڪرينا جو ردعمل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور گيت ”ڪانٽا لَگا“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ اداڪارا ۽ ماڊل شيفالي زريوالا جي اوچتي لاڏاڻي ۽ ان کانپوءِ ٿيندڙ چئُوٻولن تي بالي ووڊ بيبو ڪرينا ڪپور جو به ردعمل سامهون آيو آهي.
شيفالي زريوالا گذريل هفتي 42 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، 27 جون تي کيس ممبئي ۾ پنهنجي رهائشگاهه کان اسپتال منتقل نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.
ٻه ڏينهن اڳ شيفالي جي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ رت جي دٻاءَ (بلڊ پريشر) ۾ تيزيءَ سان گهٽتائي ۽ دل جي دوري کي موت جو ڪارڻ ڄاڻايو ويو.
ان کانپوءِ شيفالي جي ويجهي ساٿي اداڪارا پوجا گهئي انڪشاف ڪيو ته شيفالي ديهانت کان اڳ منجهند ڌاران وٽامن سي جي آءِ وي ڊرپ لڳائي هئي.
پر هاڻ اداڪارا جي مبينا اينٽي ايجنگ ٽريٽمينٽ بابت هلندڙ افواهن جي دوران اداڪارا ڪرينا ڪپور جو ردعمل سامهون آيو آهي.
هڪ انٽرويوءَ دوران ڪرينا چيو ته هوءَ بوٽوڪس جي سخت خلاف آهي ۽ پاڻ کي سٺي طريقي محفوظ رکڻ جي قائل آهي، اهڙو طريقو جيڪو صحتمند هجي، جنهن سان بهتري محسوس ٿئي پوءِ کڻي اِهو فطري علاج ئي هجي.
هن وڌيڪ چيو ته ” منهنجي لاءِ پاڻ کي محفوظ رکڻ جو مطلب آهي ته پنهنجي صلاحيتيون به محفوظ رکان ۽ اهو ئي منهنجو اصل هٿيار آهي.“
ڪرينا جو چوڻ هو ته ” مون لاءِ بهتر زندگي جو مطلب آهي موڪلون ملهائڻ، دوستن ۽ ڪٽنب سان گڏ وقت گذارڻ، سيٽ تي هئڻ سان گڏ ٻين مشغلن ۾ مصروف رهڻ ۽ اهي ئي شيون آهن جن لاءِ مان موجود آهيان.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.