ڀارت ۾ پاڪستاني سوشل ميڊيا اڪائونٽ اوچتو بحال، حب الوطني بس ٻن مهينن لاءِ هئي؟ واهپيدار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان پاڪستاني سوشل ميڊيا واهپيدارن تي لاڳو ڊگهي پابندي ۾ نرمي شروع ڪئي وئي آهي، جنهن بعد ڪيترن ئي پاڪستاني يوٽيوبرز، انسٽاگرام انفلوئنسرز ۽ فنڪارن جا اڪائونٽ ڀارتي واهپيدارن لاءِ ٻيهر دستياب ٿي ويا آهن.
پاڪستاني ڪنٽينٽ ڪريئيٽر مريم راجا ۽ حمزا ڀٽي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوريز ۾ نوٽيفڪيشن شيئر ڪيا، جن ۾ چيو ويو هو ته توهان جو اڪائونٽ عارضي طور ڀارت ۾ دستياب نه هو پر هاڻ ٻيهر دستياب ٿي ويو آهي، اهو ان ڪري ٿيو، ڇو ته مقامي قانوني گهرجن يا حڪومتي درخواست سبب پابندي لڳائي وئي هئي، جيڪا هاڻ ختم ٿي چڪي آهي.
ڀارتي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ”ٽيلي چڪر“ به تصديق ڪئي ته پاڪستاني شوبز شخصيتن جا اڪائونٽ ڀارت ۾ هاڻ ڏسي سگهجن ٿا.
ان سان گڏ هم ٽي وي، هر پل جيو ۽ اي آر واءِ ڊجيٽل سميت ٻين وڏن پاڪستاني ڊجيٽل اڪائونٽن تان به پابنديون هٽايون ويون آهن.
ڀارتي واهپيدارن ان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته حب الوطني رڳو ٻن مهينن لاءِ هئي؟ دلجيت دوسانجهه واحد غدار آهي، ڪرڪيٽ سان به توهان کي مسئلو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.