ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) اربع ڏينهن بنگلاديش جي هڪ عدالت ملڪ جي مفرور اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا کي توهين عدالت تحت سندس غير موجودگيءَ ۾ ڇهه مهينن جي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جيڪو سندس برطرفي کانپوءِ پهريون فيصلو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب 77 ورهين جي شيخ حسينا واجد آگسٽ 2024 ۾ شاگردن جي قيادت ۾ هلندڙ تحريڪ جي ڪاميابي کانپوءِ پاڙيسري ملڪ ڀارت فرار ٿي وئي هئي، جتان هوءَ ڍاڪا واپس اچڻ بابت عدالتي حڪمن کي نظرانداز ڪندي رهي.
چيف پراسيڪيوٽر محمد تاج الاسلام صحافين کي ٻڌايو ته جنهن ڏينهن هوءَ بنگلاديش موٽي ايندي يا عدالت آڏو سرينڊر ڪندي، ان ڏينهن کان سزا لاڳو ٿيندي.
اهو ڪيس انهن بيانن بابت آهي، جيڪي شيخ حسينا پنهنجي اقتدار تان برطرفي کانپوءِ ڏنا هئا، جن ۾ مبينا طور تي هوءَ عدالتي ڪارروائين ۾ شاهدن کي ڌمڪائيندي نظر آئي.
تاج الاسلام موجب پراسيڪيوشن ٽيم جو موقف آهي ته انهن بيانن سبب انهن ماڻهن ۾ ڊپ ۽ دهشت پيدا ٿي، جيڪي ڪيس داخل ڪري رهيا هئا يا شاهدن طور پيش ٿيندا رهيا.
ان ئي ڪيس ۾ عوامي ليگ جي هڪ ٻئي مفرور اڳواڻ شڪيل اڪندا بلبُل کي ٻه مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
ياد رهي ته عوامي ليگ تي اڳ ئي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
گڏيل قومن جي رپورٽ موجب جولاءِ کان آگسٽ 2024 جي وچ ۾ 1400 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن حسينا جي حڪومت پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ احتجاج ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو.
هڪ الڳ ڪيس ۾ پراسيڪيوشن دعويٰ ڪري رهي آهي ته ان سموري ظلم جي ذميواري شيخ حسينا تي لاڳو ٿئي ٿي.
شيخ حسينا طرفان سرڪاري طور مقرر ڪيل وڪيل ٻڌايو آهي ته هوءَ اهڙن الزامن جي سخت ترديد ڪري ٿي.
بنگلاديش جي قانون مطابق اهي الزام انسانيت خلاف ڏوهن جي زمري ۾ اچن ٿا.
You might also like