ممبئي (ويب ڊيسڪ) شيفالي جي اوچتي لاڏاڻي ڀارتي فلم انڊسٽريءَ ( بالي ووڊ) سان واڳيل ماڻهن ۾ ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي.
بالي ووڊ اداڪارا مليڪا شراوت پنهنجي هڪ وڊيو پيغام وسيلي مداحن کي مصنُوعي فلرز کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ڀارتي اداڪارا شيفالي گذريل هفتي 42 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي، 27 جون تي کيس ممبئي ۾ پنهنجي رهائشگاهه کان اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس مئل قرار ڏنو.
اداڪارا جي موت جي ظاهري ڪارڻ دل جو دورو ٻڌايو پيو وڃي، پر مختلف ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هوءَ جوان ۽ خوبصورت نظر اچڻ لاءِ اينٽي ايجنگ (عمر گھٽائيندڙ) انجيڪشن استعمال ڪندي هئي.
پوليس جي شروعاتي رپورٽن موجب، وفات کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ به شيفالي اينٽي ايجنگ انجيڪشن لڳائي، جنهن کانپوءِ کيس ٿرڪڻي وٺي ويئي ۽ هوءَ بيهوش ٿي وئي.
شيفالي جي ڪُمهلي وڇوڙي فلم انڊسٽريءَ ڳڻتيءَ ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، جتي خاص طور تي اداڪارائن ۾ اينٽي ايجنگ انجيڪشن وارو معاملو بحث جو موضوع بڻيل آهي.
ان ڏس ۾ اداڪارا مليڪا شراوت انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن مداحن کي بوٽوڪس ۽ فلرز کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني.
مليڪا پنهنجي وڊيو ۾ چيو ته ”مان هاڻي ننڊ مان اُٿي آهيان ۽ سوچيم ته توهان سان هڪ سيلفي وڊيو شيئر ڪريان.“
هن چيو ته هن وڊيو ۾ مون نه ته ڪو فلٽر استعمال ڪيو آهي نه منهنجي چهري تي ڪو ميڪ اپ آهي، مان هي وڊيو ان لاءِ شيئر ڪري رهي آهيان ته جيئن اسان سڀ گڏجي بوٽوڪس ۽ مصنُوعي فلرز کان بچون ۽ صحتمند زندگي اختيار ڪريون.
You might also like