ٿائلينڊ جي آئيني عدالت وزيراعظم کي معطل ڪري ڇڏيو

بئنڪاڪ (ويب ڊيسڪ) ٿائيلينڊ جي آئيني عدالت ملڪ جي وزيراعظم پيتونگاترن شيناوترا کي معطل ڪري ڇڏيو.
ٿائي عورت وزيراعظم کي اڳوڻي ڪمبوڊين وزيراعظم سان فون ڪال ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي عدالت عارضي طور عهدي تان هٽايو ڇڏيو آهي.
رپورٽن موجب، 36 سينيٽرن طرفان وزيراعظم خلاف درخواست داخل ڪئي وئي هئي، جنهن تي عدالت فيصلو ٻڌائيندي چيو ته درخواست تي حتمي فيصلو اچڻ تائين وزيراعظم معطل رهندي.
ٿائي سينيٽرن وزيراعظم تي بي ايماني ۽ آئيني ڀڃڪڙي جا الزام هنيا آهن.
واضح رهي ته گذريل مهيني ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا جي سرحدي فورسز جي وچ ۾ ڇڪتان کانپوءِ وزيراعظم ۽ ڪمبوڊين اڳواڻ وچ ۾ ٿيل فون ڪال ليڪ ٿي وئي هئي جنهن ۾ هوءَ ٿائي فوجي آفيسر تي تنقيد ڪري رهي هئي.
فون ڪال منظرعام تي اچڻ کانپوءِ وزيراعظم کي نه فقط سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو، پر مٿس استعيفيٰ لاءِ به شديد دٻاءُ وڌي ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.