انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪيه جي اوڀر صوبي وان ۾ ٿيل هڪ شادي ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار کي ايترا تحفا مليا جو سڀئي دنگ رهجي ويا.
ترڪ ميڊيا موجب شادي جي تقريبن ۾ ملڪ توڙي پرڏيهه مان تقريبن 5 هزار مهمانن شرڪت ڪئي ۽ ٻن ڏينهن تائين جاري رهندڙ تقريبن دوران اٽڪل 9 هزار ماڻهن جي کاڌي جو انتظام ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ ٽن گوشت استعمال ٿيو.
مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته گهوٽ ۽ ڪنوار کي تحفا ڏيڻ جي تقريب 5 ڪلاڪن تائين جاري رهي، جنهن ۾ ڪنوار کي تقريبن 2 ڪلو گرام سون، جڏهن ته گهوٽ کي 65 لک ليرا (تقريبن ساڍا 4 ڪروڙ پاڪستاني رپيا) تحفي ۾ ڏنا ويا.
گهوٽ کي تحفي ۾ ملندڙ رقم ڳڻڻ لاءِ به 14 ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پيون.
شادي ۾ تحفن جي برسات، ڪنوار کي ٻه ڪلو سون، گهوٽ کي ساڍا 4 ڪروڙن کان مٿي جو پاهت
You might also like