اپر دير (ويب ڊيسڪ) آمريڪي عورت فيس بُڪ تي دوستي کانپوءِ پاڪستان اچي پنهنجي محبوب سان شادي ڪري ڇڏي.
آمريڪا مان آيل عورت مينڊي گذريل رات اپر دير جي نوجوان ساجد زيب سان نڪاح ڪيو.
ساجد زيب موجب مينڊي اسلام قبول ڪري ورتو آهي ۽ سندس اسلامي نالو زليخا رکيو ويو آهي، ان جي اچڻ سان گهر ۾ خوشي جو ماحول آهي.
آمريڪي عورت چيو ته مان ساجد زيب سان شادي ڪري خوش آهيان.
واضح رهي ته آمريڪي رياست شڪاگو واسڻ دير جي ساجد زيب سان شادي لاءِ پاڪستان پهتي هئي.
ساجد زيب موجب مينڊي سان منهنجو رابطو ٻه سال اڳ فيس بُڪ ذريعي ٿيو ۽ ان دوران مينڊي مون کي پرپوز ڪيو ته مان ها ڪري ڇڏي، اسان ٻنهي پنهنجي گهر وارن کي اعتماد ۾ ورتو.
ساجد زيب وڌيڪ چيو ته مينڊي شڪاگو جي رهواسڻ ۽ ايئر هوسٽس آهي.
You might also like