ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ميزبان ندا ياسر انڪشاف ڪيو آهي ته سندس گھر ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهي گھريلو ملازمه گھر مان شيون چوري ڪندي رهي.
تازو پنهنجي پروگرام دوران گھريلو ملازمن جي چوري بابت ڳالهائيندي ندا ياسر ٻڌايو ته”مون پنهنجي مصروفيتن سبب، خاص طور جڏهن منهنجو پٽ ننڍو هو، فلپائن سان تعلق رکندڙ هڪ ملازمه رکڻ جو فيصلو ڪيو، هوءَ ٻن سالن تائين اسان وٽ رهي، تمام محبت سان پيش ايندي هئي ۽ مون کي ان تي مڪمل ڀروسو هو.“
ندا ياسر چيو ته ” اسان عام طور تي نوڪرن جي موڪل تي وڃڻ کان اڳ سندن جاچ ڪندا هئاسين، پر ان فلپائني ملازمه جي ڪڏهن به چيڪنگ نه ڪئي، ان دوران هوءَ اسان جي گھر مان موبائيل فون ۽ ٻيون قيمتي شيون کڻي ويندي هئي ۽ اسان کي خبر به نه ٿيندي هئي.“
اداڪارا جو چوڻ هو ته ” هڪ ڏينهن منهنجي پرس مان يورو ڪرنسي غائب ٿي وئي، جيڪا مون پنهنجي بيگ ۾ رکي هئي ۽ اِهو بيگ مون انهيءَ ملازمه جي حوالي ڪيو هو، مون ان کان پوءِ سندس جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.“
ندا چيو ته ”جڏهن هوءَ موڪل تي پنهنجي گھر واپس پئي وئي ته مان به ساڻس گڏ ويس ۽ جڏهن سندس گهر پهتاسين ته اتي مون کي پنهنجون شيون ڏسڻ ۾ آيون، جن ۾ منهنجي پرڏيهي ڪرنسي پڻ شامل هئي.“
You might also like