ڪراچي( رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبرن سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ٿوري مينهن به سندن ڪارڪردگي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جو چوڻ آهي ته رستا ڍنڍ بڻجي ويا، گهٽيون نالن وانگر وهي رهيون آهن، ۽ ماڻهو پڇي رهيا آهن ته 18هين ترميم کان پوءِ جيڪي اختيار مليا، انهن جو ڪهڙو فائدو ٿيو؟ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبرن سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ٿوري مينهن به سندن ڪارڪردگي جو پول پڌرو ڪري ڇڏيو. انهن الزام هنيو ته صوبائي حڪومت، جعلي ميئر ۽ جماعت اسلامي جا بلدياتي چيئرمين سڀ ناڪام ٿي چڪا آهن. انهن چيو ته ڪراچي جي ڍانچي (انفراسٽرڪچر) جي بهتري جا دعوائون صرف ڪاغذن تائين محدود آهن، ۽ ماڻهو حيران آهن ته 18هين ترميم کانپوءِ اختيار آخر ڪٿي استعمال ٿيا؟ ٻئي پاسي، سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد ايم ڪيو ايم جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته، "ڪراچي کي تباهه ڪندڙ ماڻهو هاڻ واڳون جا ڳوڙها ڳاري رهيا آهن۔سعديه جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي پهريون ڀيرو ڪراچي لاءِ عملي قدم کنيا آهن ۽ ميگا پروجيڪٽس ڏنا آهن، جڏهن ته ميئر ڪراچي ڏينهن رات سڙڪن تي موجود آهي۔هن ايم ڪيو ايم تي الزام هنيو ته اهي لساني سياست، چائنا ڪٽنگ، ۽ شهر بند ڪرڻ جهڙن ماضي جي عملن ۾ ملوث رهيا آهن، ۽ هاڻ ڪوڙي مينڊيٽ تي ويٺل ماڻهو ڪوڙن الزامن جو سهارو وٺي رهيا آهن.