ڪراچي/حيدرآباد(رپورٽر)سينيئرصوبائي وزير طلاعات ،ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۾ وزير اعظم ٿيڻ جي ڪا ڊوڙ ناهي بلڪه هاڻ وقت آهي ته تمام سياسي پارٽيون سنجيدگي سان گڏجي ملڪ جي ترقي ۽ معيشت جي بهتري لاءِ ڪم ڪن ، راول هائوس راهوڪي ٽنڊو ڄام ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن وقت اقتدار ڪنهن جي ترجيح نه هجڻ گهرجي 9 مئي جهڙي واقعن تي عمران خان کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي،تحريڪ انصاف پاڻ کي مائنس ڪيو آهي ۽ هاڻ ان ۾ گروپ بندي واضح آهي هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ٻوڏ ۽ برسات کي نظر ۾ رکندي تمام ادارن کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي هوڏانهن ڪراچي ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جنهن انداز ۾ پوري پارليامينٽ جي حمايت سان عالمي فورمن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو، اهو هڪ تاريخي ڪارنامو آهي. ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو جهڙا ادارا مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آهن، ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي،هن چيو ته سکر-حيدرآباد موٽر وي منصوبي لاءِ جيڪا رقم رکي وئي آھي اھا ناڪافي آھي ۽ اھا رقم منصوبو شروع ڪرڻ لاءِ به پوري ناھي ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته مون کي تمام گھڻو افسوس ٿيوته ميڊيا جا وڏن وڏن ادارن اھڙيون خبرون بنا ڪنھن تصديق جي ھلايون، وفاقي حڪومت پاران اھڙي ڪابه آڇ نه ڪئي وئي آھي، نه ئي پيپلز پارٽي وٽ اھڙي ڪا ڳالھ غور ھيٺ آھي، نه اھڙي ڪا دعوت آئي آھي نه پيپلز پارٽي ڪا حامي ڀري رھي آھي، ميديا ھائوسز کي بنا ڪنھن تصديق جي خبر ھلائڻ کان احتياط ڪرڻ گھرجي.هن چيو ته اسان بليڪ ميلنگ جي سياست نه ڪندا آھيون، ڪينالن جي معاملي تي پيپلز پارٽي نه حڪومت ڇڏڻ جي ڳالھ ڪئي ۽ نه وري ڪا ڌمڪي ڏني، ھن واضح ڪيو ته ڪنھن به جماعت کي مائنس ڪرڻ اسان جو مقصد ناھي،