سنڌ جو عوام جڏهن به پنهنجا مسئلا ۽ مطالبا کڻي وزير اعليٰ هائوس ڏانهن احتجاج جي صورت ۾ ويندو آهي ته ان علائقي کي ريڊ زون ڄاڻائي عوام لاءِ نوگو ايريا بڻايو ويندو آهي. جيڪڏهن عوام پوءِ ريڊ زون جون رنڊڪون اورانگهي وزيراعليٰ هائوس وڃڻ چاهيندو آهي ته پوليس ذريعي کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، مٿن لٺ بازي ڪئي ويندي آهي، شيلنگ ڪئي ويندي آهي، ڳوڙها گيس ڪئي ويندي آهي ڪينن ذريعي مٿن پاڻي اڇلايو ويندو آهي، اڃان به نه مڙندا معزز عوام کي ٽنگو ٽالي ڪري پوليس وينن ۾ ڦٽو ڪري جيلن حوالي ڪيو ويندو آهي، جيئن ڪالهه گرينڊ ايمپلائينز ايسوسيشن سان واسطو رکندڙ سرڪاري ملازمن کي وزيراعليٰ هائوس ڏانهن اچڻ کان روڪڻ لاءِ سڄي علائقي کي جنگ جو ميدان بڻايو ويو ۽ پوليس سان ملازمن جون چڪريون ڪرايون ويون.
اسان وٽ اهو حڪومتي ڪلچر الائي ڪڏهن پيدا ٿيندو جڏهن احتجاج ڪندڙ عوام جو جمهوري حق سمجهندي سندن مسئلا ۽ مطالبا عزت احترام سان ٻڌا ويندا ۽ وزيراعليٰ هائوس لڳ احتجاج ڪندڙن يا پنهنجا مسئلا کڻي ايندڙ عوام لاءِ مخصوص مهمان خاني نما ڪا جڳهه جتي حڪومت طرفان سندس مهمان نوازي جو اهتمام ڪيو ويندو، مسئلن سان لاڳاپيل وزيرن ۽ وڏو وزير عوام جا مسئلا ٻڌڻ جا پابند هوندا. اهڙو ورتاءُ ئي اصولي طور تي جمهوري حڪومت کي زيب ڏئي ٿو جڏهن ته جيڪو ورتاءُ ڪالهه سنڌ ايمپلائينز ايسوسيشن جي ملازمن سان ڪيو ويو سو اصولي طور تي غير جمهوري ، اڻ چونڊيل، آمر حڪمرانن کي ئي زيب ڏيندو آهي جو اهي عوام جا جيئن ته چونڊيل ناهن هوندا تنهن ڪري اهي پاڻ کي سندن آڏو جوابدار به ناهن سمجهندا پر چونڊيل عوامي حڪمران ته سئو سيڪڙو عوام جي آڏو جوابدار هوندا آهن سي ڪيئن ٿا عوامي مسئلن ۽ مسئلا ٻڌائڻ لاءِ ايندڙ مظاهرين کي نظرانداز ڪري سگهن؟
پر افسوس ته هتي ايئن ٿيڻ معمول آهي. ڪالهه به ملازمن کي وزيراعليٰ هائوس اچڻ کان روڪڻ لاءِ غير جمهوري ڪارروايون ڪيون ويون، ڪيترائي ملازم احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيا ويا ۽ ڪراچي شهر جو ماحول خاص ڪري چيف منسٽر هائوس، گورنر هائوس، پريس ڪلب ۽ صدر واري علائقي ۾ افراتفري وارو ماحول برپا ڪيو ويو، روڊ رستا بند ڪيا ويا ۽ پوليس ملازمن جي وٺ پڪڙ ايئن پئي ڪري ڄڻ ته اهي ڪي سندن دشمن هجن يا حڪومتي تختو ڪيرائڻ لاءِ آيل هجن. جڏهن ته اهي پنهنجا اهي مطالبا کڻي آيا هيا ته ملازمن جو پگهارون، پينشن ۽ ٻين الائونسز ۾ اضافو ڪيو وڃي. اهي مطالبا ڪي ملڪ دشمن نه هيا جيڪي ٻڌڻ لائق نه هجن ۽ جنهن لاءِ وزيراعليٰ وڃڻ ڪا بغاوت تصور ڪئي وڃي.
اسان جو خيال آهي ته چونڊيل عوامي حڪومت کي هاڻي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻ گهرجي خاص ڪري پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومتن کي ڇاڪاڻ ته کين ٽي چار ڀير ا حڪومت جو تجربو ٿي چڪو آهي. هاڻي سندن ورتاءُ تجربيڪار حڪومتن جهڙو هئڻ گهرجي. ان جو مظاهرو ايئن به ڪري سگهجي ٿو ته هاڻي اهي وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ هائونسز کي نوگو ايريا بڻائڻ جي روش ختم ڪرڻ جي اخلاقي جرئت پيدا ڪن، عوام کان ڊڄڻ ڇڏي ڏين ۽ عوام کي پنهنجو دوست سمجهڻ جو ماحول پيدا ڪن. کين وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعليٰ هائوسز لڳ احتجاج ڪندڙن لاءِ هڪ مخصوص جڳهه ٺاهڻ گهرجي جتي وزيراعظم، صوبن جا وڏا وزير ۽ ٻيا عوام جا مسئلا ٻڌن ۽ اهي حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن. ان جڳهه ۾ مهمان خانن وانگر عوام جي هر سهولت جو انتظام ٿيل هجي ۽ مهمانن وانگر عزت ۽ احترام سان ساڻن ورتاءُ ڪيو وڃي. اهڙو جمهوري ۽ عوامي قدم پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومتن کي کڻڻ گهرجي جو کين ئي عوام سڀ کان گهڻو حڪومتون ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي. اهو عوام اصل ۾ سندن محسن آهي ۽ محسنن سان اهو ورتاءُ ڪنهن ريت به مناسب ناهي ته اهي مهمان ٿي توهان سان ملڻ چاهين، پنهنجا جائز مسئلا ٻڌائڻ چاهين ته اوهان انهن کي لٺيون هڻي، مٿن شيلنگ ڪري، گرفتار ڪري ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪريو.
عوام سان اهڙي ورتاءُ جو رواج انگريز حڪمرانن هتي وڌو هو پر اهي حڪمران جيئن ته عوام جا چونڊيل نه هيا نه ئي اهي هن خطي جا پيدا ٿيل هيا، نه ئي سندن هتان جي عوام سان ڪو جذباتي واسطو هو تنهن ڪري اهي ساڻن ظالمن وارو ورتاءُ ڪندا هيا پر اوهان ته عوام منجهان ئي آهيون، هتان جا ئي آهيو، ان عوام سان ئي اوهان جو اڳي پوءِ تعلق رهڻو آهي ته پوءِ ساڻن اهڙو اڍنگو، غير جمهوري ۽ دشمنن وارو رويو ڪيئن ٿا رکي سگهو. چوندا آهن ته ” ڏيو نه ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ ڏکايو ته نه“ سو حڪومت جيڪڏهن عوام جا مسئلا ۽ مطالبا تسليم نه ٿي ڪري يا نه ٿي ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ساڻن عزت سان ته ملي ۽ ڳالهائي سگهي ٿي.
اسان جي حڪومتن ۽ حڪمرانن جي اهڙن سفاڪ روين ئي عوام جو جمهوريت تان ويساهه کڄايو آهي جو انهن کي جمهوري ۽ آمريتي حڪومتن ۾ ڪو فرق نظر نه آيو آهي هتي نه اڻ چونڊيل آمريتي حڪمران پاڻ کي عوام آڏو جوابدار سمجهن ٿا نه ئي چونڊيل حڪمرانن پاڻ کي عوام جي آڏو جوابدار سمجهن ٿا. اسان اڪثر اهو به لکندا رهيا آهيون ته جنهن به فرد يا ماڻهو کي ڪو عهدو ملندو آهي يا حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي ته اسان ان کي تاريخ طرفان کين پنهنجي تاريخ ٺاهڻ جو مليل سونهري موقعو سمجهندا آهيون پر هتي اهو تصور ناهي هوندو پر جيڪڏهن حڪمران پنهنجي تاريخ ٺاهڻ چاهين ته هتي ڪم جي گنجائش ئي گنجائش آهي، مثال طور احتجاج ڪندڙن لاءِ مهمانن خانن نما ڪا جڳهه مخصوص ڪري ساڻن عزت سان پيش اچڻ جو ڪو اهتمام ڪيو وڃي ته هڪ نئين روايت پيدا ٿي ويندي جيڪا سدائين ياد رکي ويندي..