گلگت بلتستان ۾ گليشيئر پگهرجڻ جو سلسلو تيز،درياهن ۾ چاڙهه

گلگت بلتستان(م ڊ) گلگت بلتستان جي مٿانهين علائقن ۾ گليشيئر  تيزيءَ سان ڳرڻ لڳا آهن، جنهن سبب ندي نالن ۽ درياهن ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌيوئي آهي. ڪيترائي هيٺاهين علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته مقامي آبادي ۽ سياحن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ضلع غذر جي تعلقي ياسين ۾ پاڻي جي تيز وهڪري سبب ڪيترن ئي علائقن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، مقامي ذريعن موجب علائقي ۾ پل، رستا ۽ روڊ سخت متاثر ٿي چڪيون آهن، جنهن سبب نه رڳو عام آمد و رفت رڪجي وئي آهي، پر امدادي سرگرمين ۾ به رنڊڪون پيدا ٿي رهيون آهن، گلگت بلتستان جي مختلف سياحتي علائقن ۾ موجود مقامي ۽ غير ملڪي سياح به مشڪلاتن جو شڪار آهن، ڪجهه هنڌن تي هوٽلن تائين پهچڻ ناممڪن ٿي ويو آهي، جڏهن ته مواصلاتي نظام به متاثر ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.