موري جي شهيدن سان انصاف ڪيو وڃي:قادر مگسي

مورو(ن ع آ)  سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ڳوٺ لغاري بجراڻي پهچي شهيد عرفان لغاري ۽ شهيد زاھد لغاري جي وارثن سان تعزيت ڪئي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  اسين شهيدن جي وارثن سان گڏ بيٺا آهيون. اسان جو مطالبو آهي ته انهن بيگناھ رت وهائيندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، هن پوليس پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته  اهڙين ڪميٽين مان ڪڏهن به متاثر ڌر کي انصاف نه مليو آهي، تنهن ڪري اسين مطالبو ڪريون ٿا ته سينيئر ججن تي ٻڌل هڪ آزاد ۽ غيرجانبدار ڪميٽي جوڙي وڃي، جنهن ۾ جسٽس (ر) صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس (ر) امجد علي ٻوهيو جهڙا ايماندار جج شامل هجن.ان کان اڳ ڊاڪٽر قادر مگسي، سابقه ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر نوشهروفيروز ڊاڪٽر مظهر علي ڪلهوڙو سان سندس ڀاءُ عاقب خان ڪلهوڙو جي چاچي، مرحوم حاجي ارشد علي ڪلهوڙو جي لاڏاڻي تي پڻ تعزيت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.