قبرص ۾ ھڪ نئين اسرائيل جي قيام جون ڪوششون !!

اسلام آباد/قبرص/رياض (معظم فخر)خبر اها آهي ته ھڪ نئون اسرائيل ٺاھڻ جون ڪوششون ٿي رھيون آھن، اسرائيل جي ويجهو هڪ ٻئي ملڪ جي اندر يهودين پاران وڏي انگ ۾ ملڪيتون خريد ڪرڻ جون خبرون سامهون آيون آهن. نه رڳو ملڪيتون خريد پيون وڃن، پر اتي گيٽڊ ڪميونٽيون ٺاهي ٻين يهودين کي به اتي آڻي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ان ملڪ ۾ نه رڳو خطري جي گهنٽي وڳي آهي، پر ان ملڪ جي حڪومت هڪ اجلاس گهرائي سڄي صورتحال تي غور ڪيو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته جيئن فلسطين ۾ يهودين کي آڻي وسايو ويو هو، اسان سان به ساڳيو فلسطين وارو عمل ورجايو پيو وڃي. قبرص جي پارليامينٽ هاڻي “گولڊن ويزا”  اسڪيم ۾ ترميم جي قانون سازي ڪري رهي آهي ته جيئن يهودين جي وڏي انگ ۾ آباد ٿيڻ جي رستا بند ٿي سگهن ٻئي پاسي عرب ملڪن جي حوالي سان گلف جي ھڪ اخبار رپورٽ شايع ڪئي آهي تھ عرب دنيا ۾ ايران مٿان اسرائيلي حملن بعد اسرائيل کي غير ذميوار ملڪ طور ڏٺُو پيو وڃي.خليجي ملڪن جي نمائندن چيو آهي ته جيتوڻيڪ ايران جي ائٽمي پروگرام کي تباهه ڪرڻ واري اسرائيلي ڪوشش ڪجهه حلقن ۾ ساراهه جوڳي سمجهي وئي، پر نيتن ياهو جي بي قابو حڪمت عملي خطي لاءِ پريشاني جو سبب آهي.هڪ خليجي اهلڪار جيڪو نالو ظاهر ڪرڻ نه چاهيو، ٽيليگراف کي ٻڌايو ته نيتن ياهو هاڻي ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ ناهي، ۽ هو غزه، لبنان، شام ۽ هاڻي ايران ۾ طاقت جو انڌو استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيل جو هي رويو ابراھيم اڪارڊ جي توسيع تي بھ سوال اٿاري ٿو. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان واضح ڪيو آهي ته جيستائين هڪ خودمختيار فلسطيني رياست قائم نه ٿي ڪئي وڃي، جنهن جو گاديءَ جو هنڌ يروشلم هجي، سعودي عرب  ابراهيم اڪارڊ ۾ شامل نه ٿيندو.ساڳئي بيان کانپوءِ پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به چيو آهي ته پاڪستان به فلسطين بابت پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي،

  • غزا  ۾ اسرائيلي حملن سبب 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

غزا(م ڊ) غزا ۾ اسرائيلي حملن سبب 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا، اسرائيل جي تازن حملن ۾ 422 فلسطيني  زخمي به ٿي پيا،اسپتال منتقل ڊي پي اي ۽ اي ايف پي جي رپورٽ موجب غزا جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملا جاري رهيا، جن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 100 فلسطيني شهيد ٿيا، جڏهن ته تازن حملن ۾ 422 فلسطيني زخمي به ٿيا آهن،صحت کاتي مطابق، حملن دوران ڪيترن ئي رهائشي علائقن کي نشانو بڻايو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.