ملڪ رياض کي ٻڌائينداسين ته ڌرتي جا مالڪ ڪير آهن: جونيئر ذوالفقار

ڪراچي(رپورٽر) مير مرتضيٰ ڀٽي جو فرزند ذوالفقار علي ڀٽو جونئير آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن سان يڪجھتي لاءِ پريس ڪلب ڪراچي ٻاھريان آفر آرڊر نه ملڻ خلاف گذريل ڇھن ڏينھن کان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ويٺل اميدوارن وٽ پھتو، ذوالفقار علي ڀٽو جونئير اميدوارن سان يڪجھتي جو اظھار ڪندي چيو ته مونکي خبر پئي ته نوجوان ۽ نياڻيون حق لاءِ احتجاج ڪري رھيا آھن، انھي لاءِ ھتي پھتو آھيان، سنڌ جي تعليم جي صورتحال اڃا بھتر ناھي ٿي سگھي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي، سنڌ حڪومت چاھي ھا ته 20 سالن ۾ ھڪ ماڊل صوبو ٺاھي سگھي پئي پر ايئن نه ٿيو، اميدوار حق تي آھن جيڪڏھن وزيراعلي ھائوس ڏانھن احتجاج لاءِ ويا ته آئون ساڻس گڏ ھوندس، ھن چيو ته سنڌ حڪومت کي اميدوارن جا مسئلا حل ڪري آفر آرڊر ڏيڻ گھرجن، اميدوارن جي عمر به وڌي رھي آھي، آرڊر نه مليا ته عمر حد کان وڌيڪ ٿي ويندي ۽ ڪنھن نوڪري جي اھل نه رھندا، ھن مطالبو ڪندي چيو ته 2021 جي رڪورمينٽ پاليسي ۾ ترميم ڪري نئي سر پاليسي جوڙي پاليسي جو طريقو يوسي يا تعلقي سطح تي ختم ڪري ضلعي يا صوبي سطح تي ڪري اميدوارن کي آرڊر ڏنا وڃن،هن چيو ته ملير جو گرين بيلٽ تباهه ڪري ڀٽو جي نالي سان شاهراهه ڇو ٺاهي رهيا آهن؟ڀٽو جو نالو خراب ڪيو پيو وڃي، قبضا پارٽي ڀٽو جو مطلب تباهي ۽ بربادي بڻائي ڇڏيو آهي،ڀٽو عوام جا نوڪر آهن،ڀٽو عوام جا خادم آهن،اسان ملڪ رياض کي ٻڌائينداسين  ته هن جو مالڪ ڪير آهي،هن ڌرتي جا مالڪ ڪير آهن، هن چيو ته ڳڙهي خدابخش ۾ عوام لاءِ نه پر لاشن لاءِ محل ٺاهيو ويو آهي،سنڌ جو تعليمي نظام تباهه ٿي ويو آهي،انگ اکر آيا آهن ته سنڌ جي تعليم جي شرح 2008 کان 2025 تائين 58 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي،پنجاب اسان کان گهڻو اڳتي آهي،ڪاٺوڙ ۾ سنڌ انڊيجينئس الائنس جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي جونيئر ذوالفقار ڀٽو چيو ته سنڌ خاص طور تي ڪاٺوڙ ۽ ملير جا ماڻهو اڪ جي وڻ جيان انڊيجينئس آهن،ڪاٺوڙ ڪراچي ۽ لياري ندي جي ماءُ آهي،ڪراچي وارن کي خبر ناهي ته انهن جي خوراڪ ملير جي گرين بيلٽ مان اچي ٿي،هن چيو ته جڏهن ڪراچي ڊفينس جا ماڻهو مرڻ شروع ٿيندا تڏهن کين خبر پوندي ته انهن جو رزق ڪٿان ٿو اچي،هن چيو ته پيپلز پارٽي کي پيپلز پارٽي نه چئو،ڇا ان ۾ ڪو پيپل آهي،اها عوام بدران سرمائيدارن،سردارن جي پارٽي آهي،اها قبضا مافيا آهي،انهن اوهان جي زمينن تي قبضا ڪيا آهن،انهن کي نه روڪيندئو ته اهي اوهان جي پاڙيسري جي زمين به کائي ويندا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.