ڇا توهان فون اُبتي رکڻ جا هي فائدا ڄاڻو ٿا؟

ڇا توهان ڪڏهن نوٽ ڪيو آهي ته گهڻي قدر شاهوڪار يا سمارٽ ماڻهو ڪنهن گڏجاڻي يا ملاقات دوران پنهنجو موبائل فون ٽيبل تي اُبتو ڇو رکندا آهن؟
انهن ماڻهن جي خيال ۾ ٽيبل تي موبائل فون اُبتي رکڻ جا ڪيترائي فائدا آهن.
ليکڪ جيسن چن پنهنجو مثال ڏيندي چيو آهي ته ٽيبل تي موبائل فون اُبتو رکڻ سان ڪيترائي اهم فائدا ٿين ٿا.
جيسن چن موجب، جيڪڏهن توهان ڪنهن ملاقات يا ميٽنگ دوران پنهنجو فون اُبتو رکو ٿا ته ان سان اوهان جو موبائل فون جو بيڪ ڪئميرا ۽ اسڪرين محفوظ رهي ٿي.
اُبتو رکڻ جي صورت ۾ ميز تي موجود مٽي يا ذرڙا اوهان جي ڪئميرا کي نقصان پهچائي سگهن ٿا، پر اُبتو رکڻ سان ڪئميرا محفوظ رهندي آهي، جڏهن ته فرنٽ اسڪرين تي پروٽيڪٽر هئڻ ڪري اسڪرين به محفوظ رهي ٿي.
ان کانسواءِ جيڪڏهن پاڻي يا شربت ٽيبل تي ڪري پوي ته اُبتي رکيل فون جي اسڪرين ڀڄڻ کان به بچي سگھي ٿي.
ٽيبل تي فون اُبتو رکڻ سان نوٽيفڪيشن جي ڪري بار بار اسڪرين آن ٿيڻ واري صورتحال کان به بچي سگھجي ٿو، جنهن سان بيٽري وڌيڪ دير تائين هلي سگهي ٿي.
سماجي طور به گڏجاڻي يا محفل ۾ فون کي اُبتو رکڻ سٺو عمل آهي، ڇو ته نوٽيفڪيشن جي ڪري روشني آن-آف ٿيڻ سان ڌيان ڀٽڪي سگھي ٿو.
ٻئي پاسي ان طريقي سان توهان جي پرائيويسي به محفوظ رهي ٿي، ڇو ته فون اُبتو هئڻ جي ڪري ٻيو ڪو به ماڻهو ڏسي نه ٿو سگھي ته نوٽيفڪيشن ڇا جو آهي.
نفسياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته اکين سان رابطو انساني رابطن جي سڀ کان سگهاري شڪل آهي.
نيورو سائنس جي تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته جڏهن ٻه ماڻهو اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائين ٿا ته ان سان گفتگو وڌيڪ اثرائتي ٿيندي آهي، پر جيڪڏهن ڌيان فون تي هجي ڀلي ٿوري دير لاءِ ئي ڇو نه هجي ته ذهني هم آهنگي متاثر ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.