حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي چينل واهه ۾ ڪار ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ پٽ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، حادثي وقت ڪار ۾ محسن پٽ امام الدين ۽ سندس ٻن ورهين جو پٽ ذوالقرنين سوار هئا، جيڪي واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا.
علائقي واسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فوتي محسن سچل سرمست ٽائون جي يوسي 92 جو ڪائونسلر هو ۽ حادثي وقت هو پنهنجي نينگر سان گڏ سفر ڪري رهيو هو.
هنن جو چوڻ آهي ته حادثي کان پوءِ واهه جي ڪناري تي موجود ماڻهن ڪار ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڻي جي تيزي ۽ دروازن نه کلڻ سبب هو ٻڏي ويا.
ريسڪيو ٽيمن ڪار هٿ ڪري ورتي آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.
You might also like