ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جي حق ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر يڪجهتي جو اظهار ڪندي وڏو اعلان ڪيو آهي.
ذوالفقار جونيئر احتجاجي ڪئمپ تي پهچي مظاهرو ڪندڙ نوجوانن سان ملاقات ڪئي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي نوجوان پنهنجا جائز حق وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، مان به ايڪي طور هتي آيو آهيان.
هن چيو ت جيڪڏهن سنڌ حڪومت چاھي ها ته گذريل 20 سالن ۾ سنڌ کي هڪ ماڊل صوبي ۾ تبديل ڪري پئي سگھي، پر ائين نه ٿيو، جڏهن ته سنڌ جي تعليم جي صورتحال سڌرڻ بدران وڌيڪ خراب ٿي آهي،
ذوالفقار جونيئر وڌيڪ چيو ت هي نوجوان حق تي آهن، جيڪڏهن هو وزيراعليٰ هائوس طرف مارچ ڪندا ته مان به ساڻن گڏ هوندس.