سيئول (ويب ڊيسڪ) ايشين يوٿ گرلس نيٽ بال چيمپئن شپ ۾ پاڪستان پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جاري رکندي چائنيز تائپي کي 32 جي مقابلي ۾ 56 گولن سان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاڪستاني ٽيم ڏکڻ ڪوريا ۾ جاري ٽورنامينٽ ۾ مسلسل ٻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.
واضح رهي ته پاڪستان جي ٽِين ميچ 29 جون تي ڪوريا سان ٿيندي، جڏهن ته گروپ مرحلي جي چوٿين۽ پنجين ميچ پاڪستان ترتيبوار 30 جون تي جپان ۽ پهرين جولاءِ تي مالديپ سان کيڏندو.