اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) کي ختم ڪيو وڃي ۽ ان جا اختيار ۽ اثاثا اسلام آباد ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن حوالي ڪيا وڃن.
جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ته سي ڊي اي جو رائيٽ آف وي ۽ ايڪسي چارجز وارو ايس آر او غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي، ايس آر او تحت ڪيل سمورا قدم به غير قانوني آهن، جيڪڏهن ان تحت ڪنهن کان رقم ورتي وئي آهي ته واپس ڪئي وڃي.
عدالت چيو ته سي ڊي اي آرڊيننس وفاقي ترقياتي اداري طور جاري ٿيو هو، پر هاڻ نوان قانون ۽ گورننس فريم ورڪ لاڳو ٿي چڪا آهن، جنهن سان سي ڊي اي آرڊيننس جي افاديت ختم ٿي چڪي آهي، ادارو پنهنجو مقصد حاصل ڪري چڪو آهي، تنهنڪري هاڻ حڪومت ان کي ختم ڪري.
فيصلي موجب، وفاقي حڪومت کي يقيني بڻائڻو پوندو ته اختيار منتقلي کانپوءِ اسلام آباد جي انتظاميا شفاف ۽ احتساب جوڳي هجي، شهرين جي حقن جو تحفظ قانون تحت يقيني بڻايو وڃي.
عدالت وڌيڪ چيو ته اسلام آباد جو پورو انتظامي، ضابطي ۽ ميونسپل ڍانچو هاڻ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تحت هلي ٿو، سي ڊي اي وٽ ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جو قانوني اختيار ناهي، اهو اختيار چونڊيل نمائندن واري مڪاني حڪومت وٽ آهي.
ان کانسواءِ عدالتي فيصلي ۾ سي ڊي اي طرفان پيٽرول پمپن ۽ سي اين جي اسٽيشنن تي لڳايل رائيٽ آف ايڪسي ٽئڪس به غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو سي ڊي اي کي ختم ڪري اختيار ۽ اثاثا ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن حوالي ڪرڻ جو حڪم
You might also like