”هو هڪ سِٽَ به صحيح اُچاري نه ٿو سگهي“فيضان شيخ عدنان صديقيءَ کي سلمان خان کان بهتر ميزبان قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار فيضان شيخ سينيئر اداڪار عدنان صديقيءَ کي سلمان خان کان بهترين ميزبان قرار ڏئي ڇڏيو.
فيضان شيخ تازو هڪ انٽرويو دوران سينيئر اداڪار عدنان صديقي کي ڀارتي سپر اسٽار سلمان خان کان بهتر ميزبان قرار ڏنو آهي.
انٽرويو ۾ هن فن ۽ شوبز انڊسٽري بابت ڳالهائيندي چيو ته هو ڀارت ۾ پاڪستاني فنڪارن مٿان مڙهيل پابندي کي ناانصافي سمجهي ٿو، ۽ هميشه چيو آهي ته فن جي ڪائي سرحد ناهي هوندي، سياست کي راند ۽ فن کان ڌار رکڻ گهرجي.
فيضان شيخ پاڪستاني ريئلٽي شو ’تماشا گهر‘ جو ذڪر ڪندي ان جي ڀارتي شو ’بگ باس‘ سان ڀيٽ ڪئي.
جڏهن ميزبان کان پڇيو ويو ته عدنان صديقي يا سلمان خان، ڪير بهتر ميزبان آهي، ته فيضان شيخ جواب ڏنو ته هو هميشه پنهنجي ملڪ جي حمايت ڪندو ۽ جيڪڏهن ٻنهي جي ٽيلنٽ جي ڳالهه ڪجي ته عدنان صديقي سلمان خان کان گهڻو بهتر ميزبان آهي.
هن چيو ته ” مون ٻڌو آهي ته سلمان خان صحيح طريقي سان هڪ سٽ به نٿو ڳالهائي سگهي، کيس ٽيلي پرامپٽر تي ڏسي ڳالهائڻو پوي ٿو، جڏهن ته عدنان صديقي امپرووائيز ڪندو آهي، پنهنجي انداز سان ڳالهائيندو آهي، تنهنڪري هو بهتر ميزبان آهي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.