لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي ميڊيا اسرائيلي ميڊيا جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته غزا جنگ ٻن هفتن ۾ ختم ٿي رهي آهي.
برطانوي اخبار موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو غزا جنگ جي خاتمي تي متفق ٿي ويا آهن.
برطانوي اخبار جو چوڻ آهي ته ٽرمپ ۽ نيتن ياهو وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي غزا جنگ فوري طور بند ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
واضح رهي ته اسرائيلي يرغمالين جي وارثن ڊونلڊ ٽرمپ ۽ نيتن ياهو کان غزا ۾ جنگ بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ ۽ نيتن ياهو غزا جنگ جي خاتمي تي متفق ٿي ويا آهن: برطانوي اخبار جي دعويٰ
You might also like