عامر خان جي ” دنگل تي پابندي مڙهڻ تي افسوس اٿم، اڄ تائين دِل تي ٻوجهه محسوس ٿئي ٿو: مريم اورنگزيب

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بالي ووڊ اداڪار عامر خان جي فلم دنگل تي پابندي لڳائڻ تي کيس افسوس ٿيو هو .
مريم اورنگزيب تازو اداڪار عمر بٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ مختلف موضوعن تي ڳالهايو.
ميزبان طرفان پڇايل سوال ته هڪ اهڙو سمجھوتو جيڪو توهان کي لڳي ٿو ته نه ڪرڻ گهرجي ها، ان جي جواب ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عامر خان جي فلم دنگل تي پابندي نه لڳائڻ گهرجي ها.
هن وضاحت ڪندي چيو ته مون اها فلم تڏهن نه ڏٺي هئي ۽ ان وقت مون تازو سڌ سماءُ واري وزارت جو قلمدارن مليو هو، سينسر بورڊ سان ملاقات ٿي، جن ڪجهه سبب ٻڌايا جن جي بنياد تي فلم تي پابندي لڳائي وئي، ان وقت اڳ ۾ ئي ڀارتي فلمن تي پابندي لاڳو هئي، تنهنڪري دنگل به ان پابندي جي ور چڙهي وئي.
مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته پابندي لڳائڻ کان اٽڪل ڏيڍ سال پوءِ مون دنگل فلم ڏٺي ۽ تڏهن کان اِهو دل تي هڪ بار آهي.
ياد رهي ته عامر خان جي فلم دنگل سال 2016ع ۾ رليز ٿي، جيڪا هڪ ڪامياب فلم هئي.
فلم ۾ ڪبڊي جي راند ۽ ڀارتي عورتن جي جدوجهد کي ڏيکاريو ويو هو، دنگل باڪس آفيس ڪمائي جا نوان رڪارڊ جوڙيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.