ملڪ ۾ محرم الحرام جو چنڊ نظر اچي ويو، عاشوري جو ڏينهن آچر 6 جولاءِ تي ٿيندو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ محرم الحرام 1447 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو.
محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس ڪوئيٽا ۾ چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سپارڪو ۽ موسميات کاتي جون اختياريون به موجود هيون.
ان کانسواءِ زونل ۽ ضلعي ڪميٽين جا اجلاس لاڳاپيل هيڊ ڪوارٽرز ۾ ٿيا.
اجلاس کانپوءِ مولانا عبدالخبير آزاد اعلان ڪيو ته محرم الحرام جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ۽ سڀاڻي 27 جون جمعي تي نئين هجري سال جو پهريون ڏينهن هوندو.
هن ٻڌايو ته عاشوري جو ڏينهن 10 محرم الحرام 6 جولاءِ آچر تي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.