شاهه رخ خان کي پاڪستاني ڪرڪيٽرن سان معاهدو مهانگو پئجي ويو ، ڀارت ۾ ٻائيتال

بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان ڪيريبيئن ليگ ( سي پي ايل ) ۾ پنهنجي ٽيم ٽرنباگو نائيٽ رائيڊرز ( ٽي ڪي آر ) لاءِ ٻن پاڪستاني ڪرڪيٽرن محمد عامر ۽ محمد عثمان طارق سان معاهدو ڪيو آهي.
محمد عامر ان کان اڳ به سي پي ايل جا چار سيزن کيڏي چڪو آهي، جڏهن ته محمد عثمان پهريون ڀيرو ويسٽ انڊيز جي ميدانن تي ايڪشن ۾ نظر ايندو.
سوشل ميڊيا تي اِها خبر سامهون اچڻ کانپوءِ ڀارتي واهپيدارن طرفان سپر اسٽار کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ مطالبو ڪيو پيو وڃي ته ترت پاڪستاني رانديگرن سان معاهدو ختم ڪيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، امڪان آهي ته شاهه رخ خان کي هندو انتهاپسندن طرفان به ڪنهن قسم جي ردعمل جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو ڇو ته ماضيءَ ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.