محرم الحرام دوران انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس بند ٿيندي يا نه؟ وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير محسن نقوي جو محرم الحرام دوران انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس جي بندش جي حوالي سان اهم بيان اچي ويو.
محسن نقوي جي صدارت هيٺ محرم الحرام ۾ سيڪيورٽي پلان جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪندي چيو ويو ته نفرت تي ٻڌل مواد جي روڪٿام لاءِ پيمرا کي سفارشون موڪليون وينديون.
اجلاس ۾ محرم الحرام دوران امن امان يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جو فيصلو ڪندي چيو ويو ته انٽرنيٽ، موبائل فون سروس جي بندش جو فيصلو سيڪيورٽي صورتحال کي ڏسندي صوبن جي مشاورت سان ٿيندو.
محسن نقوي چيو ته محرم الحرام ۾ ڪنهن کي به شرپسندي جي اجازت نه ڏني ويندي، جلوسن ۽ مجلسن جي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي نگراني يقيني بڻائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.