لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي نجي اسپتال ۾ ٻه ڄڻا 40 ورهين جي پرڏيهي عورت جو لاش ڇڏي فرار ٿي ويا.
رپورٽ موجب عورت جو لاش اسپتال ۾ ڇڏي ويندڙ ٻئي ڄڻا به پرڏيهي آهن، اڻڄاتل مرد ۽ عورت لاش کي وهيل چيئر تي اسپتال کڻي آيا ۽ موقعو ملندي ئي فرار ٿي ويا.
پوليس ٻڌايو ته شڪي طور عورت جو موت منشيات جي زيادتي سبب ٿيو آهي، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
You might also like