گهڻو ميڪ اپ ناهيان ڪندي، زندگيءَ ۾ جيڪو مليو ان تي خوش آهيان: جيا علي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماضي جي مشهور اداڪارا جيا علي انڪشاف ڪيو آهي ته ماڻهو اڪثر ڪري سندس عمر بابت غلط اندازا لڳائيندا آهن .
جيا علي تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف موضوعن تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
هڪ سوال جي جواب ۾ جيا علي چيو ته هوءَ گهڻو ميڪ اپ ناهي ڪرائيندي، ڇو ته سندس خيال ۾ فطري چهرو وڌيڪ مناسب ۽ خوبصورت لڳي ٿو.
هن چيو ته فئشل جي مقابلي ۾ ٿائي مساج وڌيڪ اثرائتي آهي، جنهن سان بهتر نتيجا ملن ٿا.
اداڪارا موجب، ماضيءَ ۾ جڏهن ڪو ماڻهو کيس عمر ۾ وڏو سمجهندو هو ته هوءَ ان کي غلط نه سمجهندي هئي، ڇو ته هوءَ پاڻ به عمر واري معاملي ۾ سنجيده نه هئي، بعد ۾ هڪ دوست جي صلاح تي هن پنهنجي اصل عمر ٻڌائڻ شروع ڪئي.
جيا علي چيو ته ”مان هاڻي 53 ورهين جي آهيان ۽ هن عمر ۾ به زندگي مان پورو لطف وٺي رهي آهيان، ڇو ته منهنجي نظر ۾ اها عمر ڪا وڏي ناهي، اصل وڏي عمر ته 80 ورهين کان مٿي ٿيندي آهي۔“
سندس چوڻ هو ته ” هن عمر ۾ منهنجي زندگي ۾ جيڪي ڪجهه آهي، مان ان تي خوش ۽ مطمئن آهيان ۽ ان ڪري زندگي مان مڪمل لطف اندوز ٿي رهي آهيان.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.