لاهور (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) پنجاب جي مختلف شهرن مان ڀارتي ڳجھي ايجنسي ”را“ لاءِ ڪم ڪندڙ 6 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.
لاهور ۾ ايڊيشنل آءِ جي آپريشنز پنجاب شهزاده سلطان ۽ سي ٽي ڊي پنجاب جي ايس ايس پي آپريشنز وقار عظيم پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ٽن را ايجنٽن کي ٽوبا ٽيڪ سنگهه مان گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ بهاولنگر جو اعظم عرف ججي، منظور عرف قاري ۽ پاڪپتن جو امجد شامل آهن.
هنن ٻڌايو ته دهشتگردن کي دبئي مان فنڊ ڏيڻ وارو را جو سهولتڪار ذوالفقار بهاولپور مان پڪڙيو ويو، جڏهن ته بي ايس ايف (ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس) کان ڌماڪيدار مواد وٺندڙ اسلم ۽ اڪبر علي کي به گرفتار ڪيو ويو.
گرفتار دهشتگردن وٽان ڌماڪيدار مواد، آءِ اي ڊي، حفاظتي فيوز، ڊيٽونيٽر ۽ ڳجها نقشا هٿ آيا آهن، جوابدارن اعتراف ڪيو ته کين بهاولپور ۾ مسجد ۽ ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪا ڪرڻ جو حڪم مليل هو.
اهي جوابدار ڪيترين ئي جاين تي حملا ڪرڻ ۽ خاص ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو به منصوبو ٺاهي چڪا هئا.
را جي ميجر رويندرا راٺور ۽ انسپيڪٽر سنگهه جي گرفتار دهشتگردن سان فون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه به رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ايڊيشنل آءِ جي شهزاده سلطان چيو ته ڀارت دهشتگرديءَ ذريعي پاڪستان ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ چاهي ٿو پر اسان ان کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.
You might also like