آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ جوهري ٿاڪن کي وڏو نقصان پهتو: ايراني پرڏيهي وزارت جو ترجمان

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي تصديق ڪئي آهي ته آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ جوهري ٿاڪن کي سخت نقصان پهتو.
صحافين طرفان ايٽمي ٿاڪن تي ٿيندڙ حملن بابت سوال تي اسماعيل بقائي چيو ته اسان جي جوهري ٿاڪن کي وڏو نقصان پهتو آهي، اها ڳالهه يقيني آهي، ڇو ته انهن تي هر هر حملا ڪيا ويا آهن.
هن وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ کان پاسو ڪندي چيو ته اهو هڪ ٽيڪنيڪي معاملو آهي، جنهن تي ايران جي ايٽمي توانائي تنظيم ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا ڪم ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.