”قطر ۾ آمريڪي اڏي تي حملو پاڻ تي نه سمجهو“ ايراني صدر جو قطري امير سان رابطو

تهران/دوحا(م ڊ) گذريل رات قطر ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ايراني ميزائل حملي کان پوءِ ايراني صدر ۽ امير قطر جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي. ايراني خابرو ايجنسي موجب، ايراني صدر مسعود پزشڪيان، اميرقطر شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ وچ اوڀر جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران ايراني صدر چيو ته هن بروقت امير قطر سان رابطو ڪيو ته جيئن واضح ڪري سگهي ته گذريل ڏينهن جو واقعو، ايران تي اسرائيلي حملي ۾ آمريڪا جي سڌي ۽ کليل شموليت جو ردِعمل هو. هن واضح ڪيو ته ان واقعي کي ايران پاران قطر جهڙي ڀائيچاري ۽ پاڙيسري ملڪ سان ڪنهن به دشمني طور نه ڏٺو وڃي. ايراني صدر وڌيڪ چيو ته ايران جي حڪومت ۽ قوم، قطر جي دوستاڻين ۽ ڀائيچاري رويي کان مڪمل واقف آهن ۽ خاص طور تي ڏکي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي دل جي گهراين سان شڪرگذار آهن. هن چيو ته ايراني حملي جو مقصد قطر سان ڪنهن به قسم جي دشمني نه هو. هوڏانهن دوحه – لبناني وزيراعظم سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران قطري وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان چيو آهي ته ايران جي حملي تي اسان کي حيرت ٿي، ۽ اهو حملو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي اثر وجهندو. هن چيو ته قطر جي رياست تي حملو ناقابل قبول آهي ۽ اهو سفارتي آداب جي ڀڃڪڙي آهي. ٻئي طرف قطر ۾ ايراني سفير کي پرڏيهي آفيس گهرائي حملي خلاف احتجاج ڪيو ويو، جنهن تي ايراني سفير واضح ڪيو ته حملو آمريڪي اڏي تي هو، جيڪو آمريڪي حملن خلاف جواب هو. قطر گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ سومر ڏينهن آمريڪا جي نگراني هيٺ العُديد هوائي اڏي تي ٿيل ايراني حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي. خط جي متن موجب، ايراني پاسدارانِ انقلاب جو ميزائل حملو علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ سڌو خطرو آهي. .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.