علي امين گنڊاپور عمران خان کي مائنس ڪري ڇڏيو: عليما خان

راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته منهنجو خيال آهي ته مائنس عمران خان ئي ٿي ويو آهي. اڊيالا جيل ٻاهران کانئس صحافي سوال ڪيو ته ڇا مائنس عمران خان ٿي چڪو آهي؟ هن چيو ته لڳي ٿو ته مائنس عمران خان ٿي ويو آهي. صحافي ٻيو سوال ڪيو ته ڪي پي ڪي اسيمبلي ميمبر چون ٿا ته علي امين گنڊاپور طاقتور آهي، اسان ان کي انڪار نٿا ڪري سگهون، ان تي عليما خان چيو ته بار نٿو کڻي سگهي ته گهر وڃي. اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ڀينرن جي ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته ڊاڪٽر عظميٰ ۽ نورين نيازي جي باني سان ملاقات ٿي، مون کي نه وڃڻ ڏنو ويو، باني چيو ته بئريسٽر سيف موڪليو ويو هو، هن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته بجيٽ ايتري جلدي ۽ مجبوري ۾ ڇو پيش ڪئي وئي؟ علي امين گنڊاپور کي مون وٽ پهريان اچڻ گهرجي ها. هن چيو ته پهريان 5 رڪني ٽيم مشاورت لاءِ اچي، بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي ته سپريم ڪورٽ وڃو ۽ ٻڌايو ته آءِ ايم ايف ڪيئن قبول ڪندي، پارٽي هيڊ جي مشاورت کانسواءِ بجيٽ منظور نه ٿيڻ گهرجي. عليما خان موجب باني سرپلس بجيٽ تي خوش نه هو ۽ چيو ته ان سان وفاقي حڪومت کي فائدو پهچي ٿو، هو چاهي ٿو ته سپريم ڪورٽ کان اجازت وٺي تبديليون آڻي جيڪي تبديليون هو چوندو اهي ڪرڻيون پوندو، سندس اهو فيصلو حتمي هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.