تهران(م ڊ) ايران وٽ موجود 400 ڪلوگرام رچيل يورينيم عالمي ڳڻتي جو سبب بڻجي ويو. بين الاقوامي ميڊيا، انٽرنيشنل اٽامڪ انرجی ايجنسيجي رپورٽ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو آهي ته هلندڙ سال مئي تائين ايران وٽ 408.6 ڪلوگرام يورينيم موجود هو. رپورٽ موجب، ايران وٽ هن وقت 60 سيڪڙو تائين رچيل يورينيم آهي، جڏهن ته 90 سيڪڙو تائين افزوده يورينيم، 10 ايٽمي هٿيار ٺاهڻ لاءِ ڪافي آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق، ايران آمريڪي فضائي حملن کان اڳ پنهنجو جوهري مواد ڳجهن جڳهن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو هو.ان حوالي سان آمريڪا ۽ اسرائيل جي اختيارين پڻ تسليم ڪيو آهي ته انهن کي ايران جي يورينيم جي ذخيري جي هن وقت جي جڳهه جو پتو ناهي. پاڪستان جي اڳوڻي سفير مليحا لوڌي واضح ڪيو ته جيڪڏهن ايران افزوده يورينيم کي محفوظ رکڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ته اها ايران جي وڏي ڪاميابي آهي.