ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان جي انساني حقن جي ڪميشن ( ايڇ آر سي پي ) جي اڳواڻ اسد اقبال بٽ،قاضي خضر، ناديه ڪرماني، سهيل سانگي، ناصر منصور، صاديو بلوچ، ڊاڪٽر رياض احمد ۽ ٻين ڪالهه شامجو ڪراچي پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان سال 2024 ۾ انساني حقن جي انتهائي خراب صورتحال تي پنهنجي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته گذريل سال سنڌ ۾ جبري گمشدگين جي حوالي سان صورتحال خراب رهي، جنهن ۾ 44 فردن جي اغوا جي رپورٽ ڪميشن کي رپورٽ ٿي ۽ سموري ملڪ مان 379 جبري گمشدگي جا ڪيس درج ٿيا، جڏهن ته تعداد ان کان وڌيڪ آهي، هنن چيو ته سنڌ ۾ جيلن ۾ 13 هزار 938قيدين جي گنجائش آهي، پر انهن ۾ 24 هزار 018 قيدين کي واڙيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي 2013 ۾ شاگرد يونين جي بحالي جي قرارداد پاس ڪئي پر ان تي عمل نه ڪيو ويو،هنن چيو ته عمر ڪوٽ ۾ ڊاڪٽرشاهنواز ڪنڀر تي مذهب جي توهين جو الزام هڻي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو، جنهن جا قاتل پوليس آفيسر اڃان تائين آزاد آهن،انساني حقن جي ڪميشن جي اڳواڻ اسد اقبال بٽ کي سندس گهر مان گرفتارڪيو ويو. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ 76 لک ٻار اسڪول نه ٿا وڃن، 1.28 ملين ٻار فرش تي ويهي تعليم حاصل ڪن ٿا، 45 لک ٻار سرڪاري اسڪول، 29 لک ٻارن جي اسڪولن ۽ 5 لک ٻار مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وڃن ٿا، سنڌ ۾ 6 هزار 342 گوسڙو استاد آهن، اسڪول استادن جي کوٽ جو شڪار آهن، سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن کي پيشاب ڪاڪوس جي سهوليت نه آهي، هاءِ اسڪولن ۾ سائنس ليبارٽرين ۽، لائبريرين ۽ راندين جي ميدانن۽ سامن جي اڻ هوند آهي هنن چيو ته ٻارن سان زيادتي جا 209 ڪيس ٿيا جن ۾ 96 ڇوڪرين به شامل آهن. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ جا غريب ٻار خوراڪ جي کوٽ جو وڏو شڪار آهن اڳواڻن چيو ته موسمياتي تبديلين ، پاڻي جي کوٽ، شديد گرمي جو سنڌ سڀ کان وڌي متاثر خطو آهي، سنڌ درياءَ جو پاڻي بند ڪري سنڌ جي ماحولياتي تباهي آندي وئي آهي، بي زمين هارين کي زمينون ڏيڻ بدران ڪارپوريٽ فارمنگ جي پاليسي خلاف سنڌ جو عوام احتجاج ڪري رهيو آهي، هنن چيو ته سنڌ ۾ اغوائن، ڦر ۽ ڌاڙن جي روڪٿام لاءِ ڪي به اثر انداز اپاءُ نه ورتا ويا آهن، پريا ڪماري ۽ فضيلا سرڪي اڃان تائين گم آهن، سنڌ حڪومت وٽ تعليم، صحت،انساني حقن ۽ عورتن ٻارڙين جي اغوائن ۽ قتل خلاف قدم کڻڻ انهن جي ترجيحات ۾ شامل نه آهن ، سال 2024 وانگر هلندڙ سال۾ به حڪومت وٽ معاشي استحڪام،بي روزگاري ۽ مهانگائي جي خاتمو ڪرڻ جوپروگرام نظر نه ٿو اچي.