ايران مٿان آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن خلاف جماعت اسلامي جا سموري سنڌ ۾ مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمٰن جي سڏ تي جماعت اسلامي سنڌ جي طرفان ايران تي امريڪي حملي خلاف ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاهد چنا پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، دادو، فريد آباد، ميهڙ، سکر، ٺٽو، بدين، جيڪب آباد، ٽنڊو آدم سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو،جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ممتاز حسين سهتو سيٺارجا ۾ رٿيل احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ امت مسلمه جي ايماني امتحان جو وقت آهي ڇو ته هيءَ اسرائيل ۽ ايران جي نه بلڪه ڪفر ۽ اسلام جي جنگ آهي، سکر ۾ مولانا حزب الله جکرو، امان الله تنيو خطاب ڪندي چيو ته ايران مٿان امريڪي حملو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، وزيراعظم شهباز شريف طرفان عالمي دهشتگرد ٽرمپ کي نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪرڻ غزا جي 70 هزار شهيدن جي خون سان غداري آهي. لاڙڪاڻي ۾ ايڊوڪيٽ نادر کوسو، مقامي امير رميز راجا شيخ ۽ غلام عباس ڏاهاڻي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت سڄي امت کي گڏ ٿي ڪري سامراجي قوتن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي.ٺٽي ۾ عبدالمجيد سمون، مقامي ڪونسلر محرم علي خاصخيلي خطاب ڪيو. دادو ۾ ضلعي اڳواڻ محمد موسى ٻٻر جي قيادت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب تي مظاهري کي حفيظ الله گولو، مولانا رفيع الدين چنا خطاب ڪيو جڏهن ته بدين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهري کي ضلعي امير سيد علي مردان شاه، فتح خان کوسو جيڪب آباد ۾ محمد حنيف کوسو،هدايت الله رند شڪارپور ۾ مولانا صدرالدين مهر، اصغرپهوڙ، ٽنڊوآدم  ۾ مشتاق احمد عادل، عبدالغفور انصاري، ٽنڊوالهيار ۾ آصف ياسين،عاشق حسين خانزاده جي قيادت ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.