شيخ اياز جي استاد پروفيسر هاسانند پرسواڻي جي ياد ۾

تحرير: حسيب ناياب منگي

شڪارپور جي ”سُڪَ پل“ تي سندس قائم ڪيل ”رُستم سنگيت منڊل“ ۾ گهڻن ڏينهن کان ماٺ رڙيون ڪري رهي هئي. شڪارپورين جو اصل روح شڪارپور مان هندوستان وڃڻ شروع ڪري چُڪو هو. ان ايڏي وڏي جَھٽڪي سبب سندس روح رت پئي رُنو ۽ بي قراري هن جي مَن کي وڪوڙي چڪي هئي. سخت تڪليف ۾ ”سُڪَ پل“ تان هيٺ لهندي، هُو انهن مَٽجندڙ منظرن کي گهرائيءَ سان ڏسي رهيو هو. هُو سُڪَ پُل کان دادوائي روڊ لتاڙيندو جڏهن هاٿي در پهچي ٿو، ته کيس ياد ٿو اچي ته جيڪر هند ۽ سنڌ جي نالي واري ڪوي، پنهنجي دوستَ کيئلداس ’فانيءَ‘ کي وٺندو، بَگيءَ تي چڙهي ڪاليج پهچي. اڄ فرسٽ ايئر ڪلاس ۾ ’ايڪتا‘ ۽ انٽر ڪلاس اندر ’انسانيت‘ تي ليڪچر ڏيڻو هئس.’فانيءَ‘ سان ملي ٿو ته کيس معلوم ٿو ٿئي ته ’فانيءَ‘ جي مٿان به غم جي ساڳئي ئي لهر ڇانيل آهي. ’فاني‘ هڪ پنو کيسي مان ڪڍي پنهنجا اڄ نيراني لکيل نوان بيت ڇا ٻڌائيس ٿو ته پنهنجو سڀ ڪجهه وسري ٿو وڃيس! انهن کي ٻُڌي هُو ورهاڱي جي وَڍن کي اڃا وڌيڪ گهرائيءَ سان محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. ڏک واريءَ ڪيفيت ۾ هو ’فانيءَ‘ سان آهستي اظهاري ٿو: ”شڪارپور مان هاڻي اسان کي ٻاهر ڪڍڻ جو پُورو منصوبو تيار ٿي چڪو آهي. فاني! هي ”هزاري در“ تان گذر ڪريون ٿا. ڏس ته يار! ڪيڏي نه سانت آهي. اجهو ’جُماڻي هال‘ آيو… ايڏي ماٺ! ايڏي خاموشي پهرين ته ڪڏهن به نظر نه آئي هئي… ڪٿي آهي شڪارپوري سماج جو عڪس!؟ جنهن ذهنن تي اڻ مٽ نقش اڀاري ڇڏيا هئا! ڇا ايڪتا جا رنگ ئي مِٽجي ويا آهن…!؟ ياد نٿو اچئي؟ ته هيئن ئي صبح جو ٺهي سَنڀري ’چيلاسنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج‘ ڏانهن ويندي هاٿيدر تان گذر ڪندو ’ڍونگَ واري اسپتالَ‘ وٽان توکي ساڻ وٺي هلندو هئس، ته شاگردن جو وڏو انگ اسانجي ٽانگي جي پٺيان پيو هلندو هو. ڪڏهن ڪڏهن جو پنڌ نڪري پئون ته وقت تي ڪاليج پهچڻ ئي محال ٿي ويندو هو. اسڪولن جا شاگرد ۽ انهن جا والدين، ٻارن جي تعليمي مسئلن ۽ مشڪلات جي حل لاءِ اسانجي واٽ جھليو بيٺا هوندا هئا. صلاحون ۽ مشورا وٺي جڏهن هو واپس ورندا هئا ته انهن جي چهرن تان اداسيءَ جا پاڇا هٽي چڪا هوندا هئا… پر هاڻي ته اسان اداس ٿي پيا آهيون. اها اداسي ڪير ڏور ڪندو؟ يرَ! فاني! شڪارپور کي ڪير ڇڏي!؟“

’فاني‘ سڀ ڪجهه ٻڌي کيس سُس پُس ڪندي وراڻيو: ”ٻُڌو اٿئي!؟ ڦيرواڻي ۽ بجاج به هليا ويا اٿئي!“

”تون رڳو ٻه مثال ٿو ڏين…!؟ الائجي ڪير ڪير هليو ويو آ! شهر جو شهر ئي خالي ٿي ويو آ… روڊن ۽ رستن تان کِل ۽ خوشي ئي گم ٿي وئي آ. پيشيءَ جو ڏسين ٿو؟ ڄڻ راڪاس ٿو گهمي وڃي.“

شڪارپور جُون هي ٻه علمي نهرُون، ڪاليج ۾ جڏهن سنڌي ۽ انگريزي ادب جي ڄاڻ جو ڇوڙ ڪن ته شاگردن جو مستقبل روشن ڪيئن نه ٿئي! سي وِديا وانَ ورهاڱي سبب ٿڪجي پيا. شڪارپور مان لڏڻ وقت ’چيلا سنگهه ۽ سيتلداس (سِي اينڊ ايس) ڪاليج‘ توڙي ’نيُو ايرا هاءِ اسڪول‘ ويا… شهر کي گُھمي گُھمي ڏسي آيا… پنهنجيُون يادون ۽ وابستگيون ساريندا ڳلن تان ڳوڙها اُگهندي وڃي هندوستان وسايائون. هنن شهر اندر علم، ادب توڙي سنگيت جي حوالي سان شهرين کي جيڪو ماحول جوڙي ڏنو هو، سو ته وسارڻ جهڙو ئي نه هو، پر افسوس جو علم جِي هيءَ شمع وسامي وئي. ادب جو اؤج موڪلائي چڪو… سنگيتَ جا آواز به دلين کي ڇهڻ ڇڏي چڪا هئا… هتان جي ماڻهن الائي ڇو هنن ٻنهي پروفيسرن کي هندوستان وڃڻ کان نه روڪيو. استاد هئڻ ناتي کين نِـوِڙي سلام  ته ڪندا رهيا، پر جنون جي چادر کين ايئن ويڙهجي وئي هئي، جو لڳو ٿي ته ڪڙين ۾ قابو ٿيل روح به پنهنجي اڏام اونچي ڪري وڃڻ لڳو آهي. شڪارپور مان گلاب جي گلن کان سرهاڻ ڌار ٿي رهي هئي. راتين کان چانڊوڪي موڪلائي رهي هئي. ريلوي اسٽيشن تي ماڻهن جي رش هئي… شهري هڪ ٻئي پٺيان وڃي رهيا هئا. ’فاني‘ به هليو ويو… ته پروفيسر هاسانند پرسواڻي به هندوستان ڀيڙو ٿيو. جنهن جي ڳالهين سان ڪلهه تائين شڪارپور وارو ڪاليج گجندو هو ۽ شاگرد پيا فيض پرائيندا هئا، اهي بيوسيءَ سبب خاموشي اختيار ڪري چڪا هئا.

پروفيسر هاسانند پرسواڻي، ارجن داس جو پٽ هو. سندس ڏاڏو ڪاشومل، شڪارپور جي نواحي شهرَ ’رستم‘ جو شاهوڪار ليکيو ويندو هو. رستم ۾ ٻين جيان هنن جي حويلي به ڪمال جي ٺهيل هئي.

هاسانند پرسواڻي 22 جنوري 1910ع تي شڪارپور ضلعي جي ان ئي ننڍڙي شهر ’رستم‘ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي شهرَ مان حاصل ڪري شڪارپور مان پنهنجي وِدوا جي سفر کي پورو ڪيائين. بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي؛ بي. سِي ۽ ايس ٽي سيءَ تائين پڙهيو. انگريزيءَ جو بي انتها شوق هئس. انگريزي ادب جو مطالعو پابنديءَ سان ڪندو هو. رسالن ۽ اخبارن مان مضمونن کي پڙهي انهن جو تت شاگردن کي سمجھائيندو هو. پنهنجن شاگردن کي همٿائيندو هو ته هُو به انگريزيءَ ۾ پڙهندا ۽ لکندا رهن. سندن ڪَچين ڦِڪين تحريرن کي ڏسي درست به ڪندو هو. ٻارن جي همت ۽ حوصلا افزائيءَ خاطر انهن کي ساڻ ڪري شهر توڙي شهر کان ٻاهر تقريري مقابلن ۾ بهرو وٺرائڻ ويندو هو. کين اسٽيج تي اچي پاڻ ملهائڻ ۽ ادب خاص ڪري نثر لکڻ سيکاريندو هو. انگريزيءَ ۾ مضمون لکڻ ۽ بحث مباحثا ڪرڻ سان گڏوگڏ سماجي زندگيءَ ۾ پاڻ ملهائڻ جي اوسر تي کيس شاگردن پاران جيڪو مان مليو، سو واقعي کيس امرتا بخشڻ لاءِ ڪافي آهي. کبڙي جي مُکيءَ جي نياڻيءَ سان شادي ڪرڻ کانپوءِ جڏهن هاسانند پرسواڻيءَ کي ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو ته پاڻ پُٽَ جي خواهش ڪرڻ بنان شڪر ادا ڪري پنهنجي شاگردن کي پنهنجي اولاد سمجهڻ لڳو.

’نيُو ايرا هاءِ اسڪول‘ ۾ استاد مقرر ٿيو ته سوين شاگردن منجهان سنڌ جو عظيم شاعر شيخ اياز به سندس شاگرد بڻيو. اڳتي هلي پاڻ ساڳئيِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر به بڻيو. شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ لکي ٿو: ”هاسانند پرسواڻي مونکي انگريزي نه سيکاري ها ته منهنجي انگريزي ايتري سٺي نه هجي ها!“ وري اياز ئي پنهنجي ڪتاب ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ ۾ لکي ٿو: ”هاسانند پرسواڻي مون سان بيحد محبت ڪندو هو ۽ ڪلڪتي مان ڪتاب گُھرائي مونکي پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو.“

هاسانند کي ”فانيءَ“ جيان سنگيت سان بيحد چاهه هو. ”سُڪَ پُل“ تي پنهنجي جنم ڀومي ’رستم‘ نالي پٺيان ’رستم سنگيت منڊل‘ قائم ڪيو هيائين. جنهن ۾ آئي ڏينهن محفل متل رهندي هئي. اها ڪاٺ واري بهترين عمارت به هاڻي ڊهي چڪي آهي. هاڻي ته ڪنهن کي به اها ڄاڻ نه هوندي ته ’رستم سنگيت منڊل‘ ڪٿي هوندو هو. جديد شڪارپور واري طلبَ، قديم شڪارپور جو جنازو ڪڍي ڇڏيو. پروفيسر هاسانند پنهنجي زندگيءَ ۾ جاکوڙي ڪردار ۽ اعليٰ سوچ جو مالڪ رهيو. سياست سان به ٿوري گهڻي دلچسپي رکندو هو، پر علم جي حصول توڙي تدريس کي هميشه اهميت ڏيندو رهيو.

آگسٽ 1947ع ۾ پروفيسر هاسانند پرسواڻي هندوستان هليو ويو. پنهنجي جنم ڀوميءَ ’رستم‘ ۽ شڪارپور جي ياد کي سيني ۾ سمائي، هن پهريان ڪلياڻ ۽ پوءِ الهاس نگر وسايو. هندوستان سرڪار کيس رفيوجِيز ڪالوني (مهاجر ڪالونيءَ) ۾ ترسايو. هندوستان ۾ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ کيس ”رفيُوجيز ڪئمپ ڪمانڊر“ جو عهدو مليو. پنهنجي ان نوڪريءَ کي انجام ڏيندي اتي به سنڌين، خاص ڪري شڪارپور جي ماڻهن جي مدد ڪندو رهيو.

پروفيسر هاسانند پرسواڻي 29 مئي 1995ع تي الهاسنگر ۾ ديهانت ڪري ويو. سنڌ ۽ شڪارپور جي مٺي ياد هن جي اکين مان آخري دم تائين نير بڻجي وهندي رهي. شل اسانجو نؤجوان نسل علم جي لاٽ مان لاٽ کي روشن ڪري وڏن جي نقشِ قدم تي هلڻ جو سبق حاصل ڪري ۽ وڏڙن کي ياد رکڻ واري روايت کي قائم رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.