سنڌ حڪومت گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان پيپلز پارٽي جي نگراني ۽ قيادت وٽ آھي. سنڌ حڪومت يا پيپلز پارٽي جي قيادت جي ڪيل خدمت کان به انڪار ڪرڻ مناسب ڪونه آھي پر ان باوجود جيڪو ڪم مناسب طريقي ۽ وقتائتو هن ڏيڍ ڏهاڪي جي عرصي ۾ ٿيڻ کپي.
سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۽ شهري روڊن جي ڍانچي (Infrastructure) جي بهتري لاءِ مشورا ڪجهھ هيٺ ڏجن ٿا.
سنڌ جي روڊن جو ڍانچو، خاص ڪري ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾، ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي. روڊن جي خراب حالت، عدم مرمت، پاڻي جي نيڪاليءَ جو مناسب نظام نه هجڻ ۽ غير منصوبابندي واري ترقي جي ڪري روزمره زندگي، معيشت ۽ عوامي سهولتن تي منفي اثر پيو آهي.
منصوبابندي (Planning):
جامع رٿابندي لاءِ علائقن جي جاگرافيائي، آبادي، ٽرئفڪ ۽ مقامي ضرورتن کي ڌيان ۾ رکيو وڃي.
ڊجيٽل نقشن ۽ جي آءِ ايس (GIS) ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان صحيح روٽنگ ۽ روڊن جي اوليت جو تعين.
ٻهراڙيءَ وارن علائقن لاءِ ڪجھه تجويزون ھيٺ رکجن ٿيون.
پڪا لنڪ روڊ: ڳوٺن کي ويجهن شهرن سان ڳنڍڻ لاءِ پڪا لنڪ روڊ ٺاهيا وڃن.
زراعت لاءِ رستا: زرعي زمينن تائين آسانيءَ سان رسائيءَ لاءِ خاص زرعي رستا ٺهڻ گهرجن. بارش جي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ جو نظام: ٻهراڙيءَ وارن روڊن کي محفوظ رکڻ لاءِ نالن ۽ نڪاسيءَ جو صحيح بندوبست ڪرڻ ضروري آھي.
مقامي مزدورن جي واپرائڻ سان معيشت جي ترقي: روڊن جي تعمير ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون مهيا ڪيون وڃن.
شهري علائقن لاءِ تجويزون پيش جن ٿيون.سماٽ ٽريفڪ سسٽم: وڏن شهرن (ڪراچي، حيدرآباد، سکر) ۾ سمارٽ ٽريفڪ سگنلز، ڪيمرا، ۽ ٽريفڪ مئنيجمينٽ نظام.
فلاءِ اوور ۽ انڊر پاس: مصروف چوراهن تي ٽرئفڪ دٻاءُ گھٽائڻ لاءِ.
روڊ سيڪيورٽي ۽ پيادل رستا:شهري علائقن ۾ سيفٽي بورڊ،اسٽريٽ لائيٽ، ۽ فٽ پاٿ جو هجڻ لازمي آهي.پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ ڊيزائين: بي آر ٽي، بس اسٽاپ ۽ سائيڪلن لاءِ رستن تي ڌيان ڏيڻ ضروري آھي.
سار سنڀال ۽ نگراني (Maintenance & Monitoring):روڊن جي سالانه جانچ ۽ مرمت لاءِ باقاعده بجيٽ.
مقامي سطع تي واچ ڪاميٽيون جوڙيون وڃن جيڪي ٺيڪيداري نظام تي نظر رکن. ڪرپشن خلاف ميڪينزم: منصوبن جي شفافيت لاءِ آن لائن رپورٽنگ سسٽم.
ماحولياتي تحفظ ۽ پائيداري (Sustainability):ايڪو فرينڊلي مواد جهڙوڪ ريسائڪلڊ اسفالٽ، گرين ڪنڪريٽ وغيره جي واپرائڻ. روڊن جي ٻنهي پاسي وڻڪاري:ته جيئن گرمي ۽ هوا جي آلودگيءَ کي گهٽايو وڃي.سنڌ جي روڊ رستن جو ڍانچو جيڪڏهن صحيح طريقي سان منصوبابنديءَ، تعمير ۽ سار سنڀال سان ٺاهيو وڃي ته نه رڳو عام ماڻهن جي آمد و رفت ۾ سهولت ايندي، پر معاشي ترقي، تعليمي رسائي، صحت جون سهولتون ۽ روزگار جا موقعا پڻ وڌندا.