هندي سئنما جو شاهڪار” شعلي“ پنجاهين سالگرهه تي مڪمل ورزن ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سال 1975ع جي مشهور هندي فلم ”شعلي “ پنجاهه سال مڪمل ٿيڻ تي ٻيهر مڪمل ورزن ۾ پيش ڪيو ويندو، جنهن ۾ اهي منظر به شامل هوندا جيڪي پهرين رليز دوران ڪٽيا ويا هئا.
فلم جي خاص نمائش 27 جون تي اٽلي جي شهر بولونيا جي ”Piazza Maggiore“ ۾ ڪئي ويندي، جتي فلم کي مڪمل بحاليءَ کانپوءِ ڏيکاريو ويندو.
ڀارتي جي بلاڪ بسٽر فلم شعلي ۾ سورڳواسي سنجيو ڪپور، امتياڀ بچن، ڌرميندر، هيما مالني، جيا بهادري ۽ مرحوم امجد خان سميت ڪيترائي مشهور اداڪار شامل هئا.
فلم جي بحالي لاءِ ممبئي ۽ لنڊن جي آرڪائيوز مان حاصل ڪيل مواد تي ڪم ڪيو ويو آهي.
ان ڏس ۾ هڪ بيان ۾ اميتاڀ بچن چيو ته شعلي جي شوٽنگ سندس لاءِ اڻ وسرندڙ تجربو هئي، ۽ فلم جي قسمت جي تبديلي به انتهائي جذباتي سفر هئي.
ڌرميندر چيو ته شعلي کي دنيا جو اٺون عجوبو سڏڻ گهرجي ۽ فلم ۾ کيس ”ويروءَ“ جو ڪردار نڀائڻ تي فخر آهي.
هن انڪشاف ڪيو ته کيس ”گبر“ ۽ ”ٺاڪر“ جي ڪردار جي آڇ ڪئي وئي هئي، هن پاڻ ويروءَ جي ڪردار پسند ڪيو هو.
بحال ڪيل فلم ۾ اصل پڄاڻي ۽ اهي منظر شامل آهن جيڪي پهرين ڪٽيا ويا هئا، جڏهن ته فلم کي نئين نسل جي ناظرين لاءِ پيش ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.