گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي سياحتي ماڳ وادي نلتر ۾ هڪ افسوسناڪ واقعي ۾ گهوڙي سان گڏ تصوير ڪڍرائڻ جي ڪوشش ۾ هڪ عورت سياح حياتي وڃائي ويٺي.
اهو واقعو 22 جون تي پيش آيو، جڏهن عورت تفريح دوران هڪ گهوڙي ڀرسان وئي ته جيئن ان سان گڏ تصوير ڪڍي سگهجي پر گهوڙو اوچتو مڇرجي پيو ۽ عورت کي لتون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو.
مقامي پوليس موجب عورت کي مٿي ۾ گهرا ڌڪ لڳا هئا، جنهن کانپوءِ کيس فوري طور ويجهي طبي مرڪز نيو ويو پر هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس ٻڌايو ته گهوڙي عورت تي حملي کانپوءِ ٻين ماڻهن ڏانهن به ڀَڳو، جن ڀڄي جان بچائي.
حياتي وڃائيندڙ عورت جو واسطو چلاس سان هو ۽ هوءَ پنهنجي فيملي ۽ مهمانن سان گڏ وادي نلتر ۾ تفريح لاءِ آئي هئي، سندس تدفين اباڻي علائقي چلاس ۾ ڪئي وئي.
You might also like