ممبئي(ويب ڊيسڪ) مِينا ڪمارِيءَ جي زندگيءَ تي ٺهندڙ فلم بابت اعلان ٿيڻ کانپوءِ ڪيئي مشهور اداڪارائون ان منصوبي جو حصو بڻجڻ لاءِ سرگرم نظر اچي رهيون آهن.
فلم جا حق سڌارٿ پي ملهوترا، ساري گاما ۽ امروهي خاندان سان گڏجي حاصل ڪري ورتا آهن
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، مينا ڪماريءَ جي بائيوپِڪ کي کي وڏي پيماني تي پيش ڪرڻ جي رٿابندي آهي، جنهن سبب بالي ووڊ جي مداحن ۾ تجسس وڌي ويو آهي.
ان ڏس ۾ فلمسازن اداڪارا ڪِيارا آڏواڻيءَ سان رابطو ڪيو آهي ته هوءَ مينا ڪمارِيءَ جو ڪردار ادا ڪري.
هدايتڪار ۽ تخليقي ٽيم جو خيال آهي ته ڪيارا ان ڪردار لاءِ مناسب چونڊ هوندي ڇو ته ان ۾ دُک، درد، وقار ۽ جذباتي گهرائن جي ضرورت آهي.
ذريعن موجب، ڪيارا کي فلم جي اسڪرپٽ ٻڌايو ويو آهي ۽ کيس اها تمام گهڻي پسند آئي آهي، پر اڃا تائين اداڪارا طرفان آخري پنهنجي بابت آگاهه ناهي ڪيو ويو.
جيڪڏهن ڪيارا فلم لاءِ ها ڪئي ممڪن آهي ته اِها فلم هن جي ماءُ بڻجڻ کانپوءِ پهرين فلم هوندي.
هي ڪردار سندس اداڪاري واري زندگيءَ جو سڀ کان ڏکيو ۽ جذباتي ڪردار ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇو ته کيس اهو درد ۽ اندروني ڀڃ ڊاهه کي وڏي پردي تي ڏيکارڻي پوندي جيڪو مينا ڪمارِي پنهنجي فن ذريعي ظاهر ڪندي هئي.
ڪيارا جي ايندڙ فلمن ۾ ” وار ٽو“، ”ٽاڪسن“ ۽ هاڻ امڪاني طور مينا ڪمارِيءَ جي بائيوپڪ شامل آهي، جيڪي کيس گهڻ رُخي اداڪارا طور ظاهرن ڪن ٿيون.
واضح رهي ته ڪيارا”ڪبير سنگهه“ جهڙي سپر هٽ فلم ۾ نظر آئي هئي، هاڻي پين انڊيا فلمن جو حصو بڻجي رهي آهي، جتي سندس لاءِ ڪاروباري موقعا به موجود آهن ۽ فني لحاظ کان به گھڻي گنجائش آهي.
مداحن لاءِ هڪ ٻيو دلچسپ سوال اِهو آهي ته فلم ۾ ڪمال امروهيءَ جو ڪردار ڪير ادا ڪندو؟ جيڪو نه فقط مينا ڪمارِيءَ جو مڙس هو، پر خود هڪ مشهور فلمساز پڻ آهي.
فلم ۾ ٻنهي جي دردناڪ، رومانوي لاڳاپن کي ڏيکاريو ويندو ۽ ٻنهي جي وچ ۾ موجود ڪيمسٽري ئي فلم جو اصل جذبو ٿي سگهي ٿو.