لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي باغبانپورا ۾ عورت ناجائز لاڳاپن جي شڪ ۾ پنهنجي مڙس ۽ 16 ورهين جي ڀائٽي کي قتل ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب عورت زينب کي پنهنجي مڙس ۽ ڀائٽي وچ ۾ ناجائز لاڳاپن جو شڪ ٿيو، جنهن تي هن 50 ورهين جي مڙس شوڪت کي پيڪين گهرايو.
عورت مڙس ۽ ڀائٽي ٻنهي کي تکي اوزار سان قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب گهر ڀاتين ئي ٻٽي قتل جو اطلاع ڏنو، جنهن کانپوءِ پوليس زينب کي تکي اوزار سميت گرفتار ڪري ورتو.
پوليس ٻڌايو ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته گهر جا ٻيا ڀاتي به واردات ۾ ملوث هجڻ جو شڪ آهي، ان حوالي سان جاچ ڪئي وئي وڃي.
You might also like